Friday , March 29 2024

”ٽارزن جي پيپلز پارٽي ۾ واپسي“ – الهه بخش راٺوڙ

rathoreالهه بخش راٺوڙ
لياري ۾ گينگ وار کانپوءِ واري صورتحال تي تبصرو ڪندي هڪ سڄاڻ علائقي واسي ٻڌايو ته ”پيپلز پارٽي ۾ ٻيهر شامل ٿيندڙ نبيل گبول کان طاقتور ڌرين جيڪي ڪم ڪرائڻا هئا، اهي ڪرائي ورتا، ان جي انعام طور کيس ٻيهر پيپلز پارٽي جي صفن ۾ شامل ڪرايو ويو آهي“!
هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ”نبيل گبول جو پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ ڪا پارٽي جي فتح ناهي، پر اهي قوتون، لياري جن جي ڪنٽرول ۾ آهي، انهن پارٽي کي پنهنجن شرطن تي ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي“.! بقول هن جي ”پيپلز پارٽي پنهنجي مضبوط قلعي تان هٿ کڻندي مڃي ورتو آهي ته اولڊ ايرياز انهن قوتن جي هٿن ۾ هليا ويا آهن، جيڪي ڳجهون آهن.انهن پهريون جهٽڪو مڪاني چونڊن دوران ڏنو هو، جڏهن پيپلز پارٽي مشڪل سان لياري ٽائون ناظم جي سيٽ ڪڍي هئي“!
نبيل گبول کي ڪراچي جي قديم وسندي لياري مان ان وقت نيڪالي ڏني وئي هئي، جنهن وقت رحمان بلوچ جي مارجڻ کانپوءِ جنگي قوتن علائقي جو ڪنٽرول سنڀاليو هو.انهن ڪجهه مخالفن کي ماري ڇڏيو، ڪن کي ڀڄائي ڇڏيو ۽ ڪن کي وري پنهنجن شرطن تي زندهه رهڻ جو جيئندان ڏنو ويو.رحمان بلوچ جنهن جا اهم قوتن سان ويجهڙائي وارا واسطا هئا، ان کي رستي تان هٽائڻ لاءِ چوڌري اسلم سان گڏجي پلان تيار ڪيو ويو.ان کانپوءِ جڏهن ان وقت جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا گينگ وار جي ڪارندن کي ٻڌايو ته ان ”ڪارنامي“ پٺيان پيپلز پارٽي نه پر هڪ ايم اين اي هو، جنهن تي ان خلاف ڪاوڙ جي سونامي اچي وئي.هڪ طرف نبيل گبول، آصف زرداري جي گڊ بوڪ مان نڪري ويو ته ٻئي پاسي وري علائقي جي نئين هٿياربند فورس نبيل جون تصويرون ۽ پوسٽر لاهي، انهن تي گند ڪچرو اڇلائي ڇڏيو.هنن نبيل گبول ڏانهن پيغام موڪليو ته جيڪڏهن هن لياري ڏانهن رخ ڪيو ته سندس لاش کڄندو.
Nabil Gabol3نبيل گبول
نيبل گبول گينگ وار جي ڪارندن کي عام معافي ڏيارڻ جو وعدو ڪيو هو، هو ان تان هٿ کڻي ويو.وري ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا اهو ڪم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، پر هن کي به پاسيرو ڪيو ويو.ان کانپوءِ لياري جو شايد ڪو علائقو بچيو هجي جنهن تي گينگ وار جي ڪارندن قبضو نه ڪيو، يا قبضي جي ڪوشش نه ڪئي.انهن هر طرف لاشن جا انبار لڳائي ڇڏيا هئا.ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ان ”ڪار خير“ ۾ بدمعاشن سان گڏ رهيو.نبيل گبول لياري کان پري ٿيڻ کانپوءِ پراسرار سرگرمين ۾ ملوث ٿيو.هن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان اختلافن سبب نه صرف پارٽي کي ڇڏيو، پر اهو به الزام هنيو ته “هي محترما بينظير ڀٽو واري پيپلز پارٽي ناهي“! سون مٿان سهاڳ وري هن ايم ڪيو ايم ۾ به شموليت اختيار ڪئي، جتي اڳ ۾ ئي هن جي سئوٽ موجود هئي.اتفاق اهو ٿيو ته نبيل جي وڃڻ سان وري هن جي سئوٽ پيپلز پارٽي ڏانهن رخ ڪيو.ٻن سالن تائين ايم ڪيو ايم جي ايم اين اي رهڻ کانپوءِ نبيل گبول اختلاف ظاهر ڪرڻ شروع ڪيا.هي اختلاف اهڙي وقت ۾ ٿيا، جڏهن ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جي خلاف رينجرز آپريشن شروع ڪيو.نبيل گبول پيپلز پارٽي ۾ گندن بيدن جي ڳالهه ڪئي ۽ ايم ڪيو ايم جي خلاف وعدي معاف شاهد ٿيو.
نبيل گبول هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا، هن پيپلز پارٽي ۾ واپس ورڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس واپس وٺڻ کان انڪار ڪيو ويو.ان دوران هن لياري ۾ گينگ وار جي ڪجهه گروپن جي مٿي تي هٿ رکڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن اهو رعب ڄمائي سگهي ته اهي سندس ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار آهن.ڪيترن ئي علائقن ۾ ڳجهون گڏجاڻيون به ٿيون. پر وريو ڪجهه به نه.ان دوران نبيل تحريڪ انصاف ۾ شموليت جي ڪوشش ڪئي، پر ان پارٽي جي اندروني اختلافن سبب کيس شامل نه ڪيو ويو.هن نواز ليگ وارن سان ڳالهايو، انهن به انڪار ڪيو.ان دوران نبيل گبول لياري ۾ اچڻ وڃڻ شروع ڪيو ۽ مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي نقصان به پهچايو.هن سمورين پارٽين جا در آزمائڻ کانپوءِ آصف زرداري ڏانهن پيغام موڪليو.ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاريءَ کانپوءِ آصف زرداري کي نبيل جي ضرورت محسوس ٿي.ڇاڪاڻ ته زرداري ۽ رينجرز جي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪرائڻي هئي.پر جيڪو پيپلز پارٽي جو نقصان ٿيڻو هو سو ٿي ويو.
عزير بلوچ جي گرفتاريءَ کانپوءِ نبيل گبول لياري جو ميدان صاف محسوس ڪيو.هن پنهنجن سرگرمين ۾ اضافو ڪيو.هن ڪجهه لياري جي پراڻن پاپين سان گڏجي اتحاد جوڙڻ شروع ڪيا.پر هن جو ڪٿي به پير نٿي کتو.آخر ۾ هن تحريڪ استقلال ۾ به شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو.عزير بلوچ اهم قوتن جو مهمان ٿيڻ کانپوءِ اهو تاثر سامهون آيوته هن کي زرداريءَ جي خلاف استعمال ڪيو ويندو.ان دوران نبيل گبول هڪ ڀيرو ٻيهر زرداريءَ کي پنهنجون خدمتون آڇيون ۽ معاملو اڳڀرو ٿيو.ان سان گڏ ٻيهر عزير بلوچ ۽ بابا لاڏلا جي وچ ۾ سرچاءَ جون ڳالهيون شروع ٿيون ۽ لاڏلا کي ايران کان لياري گهرايو ويو.اهم قوتن ان سرچاءَ کي بهتر نه سمجهو.ان دوران لاڏلا پنهنجن ڪجهه ساٿين سان گڏمارجي ويو.ان گينگيسٽر جي مارجڻ کانپوءِ ڪجهه ڏينهن اندر نبيل لياري ۾ انٽري ورتي ۽ هڪ ڪلب جو افتتاح ڪيو.هو لاڏلا جي پونئرن سان تعزيت ڪرڻ به نه وريو ۽ اهو به ٻڌايو ويو ته هو لڪ ڇپ ۾ تعزيت ڪرڻ لاءِ ويندو، پر اهم قوتن کيس روڪي ڇڏيو.
ڪي حلقا چون ٿا ته بابا لاڏلا جو مارجڻ نبيل گبول جو ”آخري ڪارنامو“ هو.هن جي امتحان ۾ پاس ٿيڻ کانپوءِ کيس پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي نينڍ ڏني وئي.هاڻ نبيل، زرداري ۽ اهم قوتن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. نبيل گبول سان گڏ تحريڪ انصاف جو اڳواڻ نادر اڪمل لغاري به پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.ان سان گڏ اهو به ٻڌايو ويو ته ڪجهه ٻين سياسي اڳواڻن سان به رابطو ڪيو ويو ۽ کين پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چيو ويو .امڪان آهي ته نواز ليگ جي ڪجهه اڳواڻن سيمت ٻيون شخصيتون به پارٽي ۾ شامل ٿينديون.
نبيل گبول جي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ سان لياري ۾ گهڻي خوشي جو اظهار نه ڪيو ويو، پر ڪجهه ماڻهن چيو ته هي سٺو ٿيو، ڇاڪاڻ ته علائقي ۾ سياسي خال پيدا ٿيو هو ، جنهن کي نبيل گبول ئي ڀري سگهيو پئي.ٻئي طرف اهي به خبرون آهن ته عزير بلوچ جي تحويل ۾ هجڻ جي باوجود ٺٺ ٺانگر سان ڳجهه ڳوهه ۾ دعوتون کائي رهيو آهي.هو اهم ادارن جي عملدارن ۽ ڪجهه ڪامورن جو خرچ پکو ڀري ٿو، جيڪي کيس رات جي اونداهي ۾ وٺي وڃن ٿا.! ”
نبيل گبول جي حوالي سان لياري واسي اهي شڪايتون ڪن ٿا ته جنهن وقت ”سڪن سان گڏ ساوا“ سڙي رهيا هئا، گناهگارن سان گڏ بي گناهه نوجوان ماريا پئي ويا، ان وقت نبيل گبول ڪٿي هو؟ هو مسقط ۽ دبئي ۾ عياشيون ڪري رهيو هو ۽ هن علائقي جي نوجوانن کي بچائڻ جي ڪابه سنجيندهه ڪوشش نه ڪئي.هاڻ هو ڪهڙي منهن سان آيو آهي؟بهرحال پيپلز پارٽي جي قيادت هينئر اهم قوتن سان وڙهڻ جي موڊ ۾ ناهي، انڪري اها انهن قوتن جا جائز ۽ ناجائز مطالبا مڃي رهي آهي.نبيل گبول جو پارٽي ۾ اچڻ به مجبوري جي سودي کانسواءِ ڪجهه به ناهي..!

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *