Thursday , April 18 2024

ٽائون ڪميٽي پڪاچانگ ۽ يوسيز ۾ راشن سرندي وارن حوالي، غريب رلي ويا

ٽائون ڪميٽي پڪاچانگ جي چيئرمين سيد جيئل شاهه ۽ اي سي فيض گنج شاهوڪارن ۾ راشن ورهائڻ ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏي

فيض گنج(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ جاري لاڪ ڊائون دوران سنڌ حڪومت پاران مستحق ماڻهن کي راشن پروگرام ۾ وڏي پئماني تي بي ضابطگيون، ٽائون چيئرمين سيد جيئل شاهه ۽ ٽائون جي مختلف يوسيز جي چيئرمينن پنهنجن من پسند ماڻهن کي نوازڻ جون دانهون. فيض گنج تعلقي جي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٽائون ڪميٽي پڪاچانگ جي چيئرمين سيد جيئل شاهه ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر فيضگنج ظفر عباسي جي نگراني هيٺ ڪرونا لاڪ ڊائون دوران مستحقن کي مفت راشن پهچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل فنڊز مان راشن جا ٿيلها ته تيار ڪرايا ويا۽ اُهي وراهيا به ويا، علائقي واسين جي اطلاعن موجب سمورو راشن ٽائون چيئرمين جي هدايتن تي اي سي ظفر عباسي جي منظوري سان سرندي وارن کي ڏنو ويو آهي. علائقي واسين کان گڏ ڪيل معلومات مطابق، ٽائون چيئرمين جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني هيٺ راشن ڏيڻ لاءِ فهرستون تيار ڪيون ويون، جن ۾ نوڪري پيشا ماڻهن، زميندارن، دڪاندارن، سرن جي بٺن جي مالڪن، ذاتي ڪاروبار ڪندڙن سميت سمورن اهڙن ماڻهن کي راشن مهيا ڪيو ويو آهي، جيڪي سسکيا ستابا آهن. اي سي فيض گنج جي آفيس جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق رات جي اونداهيي ۾ راشن اهڙن ماڻهن کي ڏنو وڃي ٿو جيڪي پيپلزپارٽي جا اڳواڻ آهن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٽائون چيئرمين انهن کي راشن جا ٿيلها ڏئي اهو چوي ٿو ته هاڻي هي سامان اوهانجو ٿيو، تهوان جي مرضي جنهن کي چاهيو ڏيو يا نه ڏيو پر ووٽ نه کرڻ گهرجن. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته راشن بيگز 99 سيڪڙو سرندي واررن کي ڏنا ويا آهن، ٽائون چيئرمين، يوسي چيئرمين ۽ ڪائونسلرز ڀلي پنهنجا نوازي ڪن پر اهي به مستحق هجن ته بهتر ٿيندو، پر هتي صورتحال اها آهي ته وڏين وڏين گاڏين تي راشن بيگز کڻڻ لاءِ ماڻهو پهچي وڃن ٿا.

ان سلسلي ۾جڏهن سنڌسماءَچار پاران صورتحال بابت اسسٽنٽ ڪمشنر ظفر عباسي سان رابطي جي ڪوششش ڪئي وئي ته ٻن ڏينهن جي ڪوشش باوجود هن فون اٽينڊ نه ڪيو، کيس واٽس ايپ تي به ميسيجز ڪري صورتحال بابت ڄاڻ وٺڻ ۽ راشن حاصل ڪندڙن جي فهرست ڏيڻ جو چيو ويو، واٽس ايپ ميسيجز پڙهڻ باوجود به اسسسٽنٽ ڪمشنر فيض گنج ظفر عباسي ڪو به جواب نه ڏنو. اسسٽينٽ ڪمشنر پاران به ڪا وضاحت يا راشن حاصل ڪندڙن جي ڪا به فهرست جاري ناهي ڪئي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *