Friday , March 29 2024

ٻٽي شهريت رکندڙ پاڪستاني ووٽ ته ڏيندو پر پارليامينٽ جو حصو نه بڻجي سگهندو

اسلام آباد (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) ”ٻٽي شهريت رکندڙ ڪو به پاڪستاني ملڪي پارليامينٽ جو ميمبر بڻجڻ جي اهل ناهي“، اهو فيصلو سپريم ڪورٽ ٻڌايو آهي. عدالت ٻٽي شهريت واري ڪيس جو 32 صفحن تي ٻڌل لکت وارو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ واضح ڪيو آهي ته پرڏيهي شهريت رکندڙ پاڪستان پارليامينٽ جو ميمبر بڻجڻ جا اهل ناهن. 7 ججن طرفان 32 صفحن تي ٻڌل گڏيل فيصلو جسٽس شيخ عظمت سعيد لکيو آهي. جاري ڪيل فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته پاڪستاني پارليامينٽ جي رڪنيت لاءِ پرڏيهي شهريت ڇڏي سمورا قانوني تقاضا پورا ڪرڻ لازمي آهي. رڳو ٻٽي شهريت ڇڏڻ جي عمل کي شروع ڪرڻ سان نااهلي ختم نٿي ٿي سگهي. لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته، سينيٽر چوڌري محمد سرور برطانوي شهريت ڇڏڻ وارا دستاويز پيش ڪيا پر پيش ڪيل دستاويزن جي تصديق جي ضرورت آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽر نزهت صادق جي آمريڪي شهريت ڇڏڻ جا دستاويز به تصديق جو تقاضو ڪن ٿا. سپريم ڪورٽ واضح ڪيو آهي ته سينيٽر هارون اختر خان 1980ع ۾ ڪينيڊين شهريت ورتي ۽ تسليم ڪيو ته سندس شهريت ڇڏڻ جو عمل مڪمل ناهي ٿيو. عدالتي فيصلي تحت هارون اختر خان سينيٽر بڻجڻ لاءِ اهل ناهي. عدالتي فيصلي ۾ کيس نااهل قرار ڏنو ويو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته، سعديا عباسي جنهن وقت سينيٽر شپ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ته هوءَ به ٻٽي شهريت رکندڙ هئي. سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني بئنچ پنهنجي گڏيل فيصلي ۾ لکيو آهي ته نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت سعديا عباسي جي آمريڪي شهريت ڇڏڻ جو عمل مڪمل نه ٿيو هو. عدالت عظميٰ واضح ڪيو آهي ته سعديا عباسي سينيٽر بڻجڻ جي اهليت نه پئي رکي. واضح هجي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني چاهي اُهي ٻٽي شهريت رکندڙ هجن يا نه پر اُهي ملڪي عام چونڊن ۾ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهن ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *