Saturday , April 20 2024

ٻيٽن تي والار وارو آرڊيننس واپس وٺو! بلاول جو وفاق کي 21آڪٽوبر تائين اليٽميٽم

اوهان اسان کي جيلن ۾ بند ڪرڻ جو شوق پورو ڪيو پر بک وگهي روئندڙ ٻارڙن کي ڪيئن خاموش ڪرائيندؤ: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) پيپلزاپرٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌي جي ٻيٽن واري معاملي تي وفاقي حڪومت کي الٽيميٽم ڏيندي چيو آهي ته ٽن ڏينهن اندر صدارتي آرڊيننس واپس ورتو وڃي، سنڌ ۾ وڏو طوفان اچي رهيو آهي، سنڌ ڪنهن جي پيءُ جي ملڪيت ناهي. ڪراچي جي باغ جناح گرائونڊ ۾ پي ڊي ايم جي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاق سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، سنڌ جي ٻيٽن تي قبضُ ڪيو پيو وڃي، ٻيٽ ڪنهن جي پيءُ جي ملڪيت ناهن، بلاول وفاقي حڪومت کي التيميٽم ڏيندي چيو ته ٽن ڏينهن اندر صدارتي آرڊيننس واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ ان خلاف ٺهراءُ پيش ڪري رد ڪنداسين ۽ سينيٽ مان به ٺهراءُ منظور ڪرايو ويندو.

جلسي کي خطاب ڪندي بلاول وڌيڪ چيو ته، وزير اعظم جو ڪراچي واسين لاءِ هڪ هزار ارب جي پيڪيج جو اعلان ب ه ٻين اعلانن جيان دوکو ثابت ٿيو، ملڪ ۾ هر شيءِ تي پابندي آهي، ٽي وي چينلز، اخبارن کان بعد ٽڪ ٽاڪ تي به پابندي لڳائي وئي آهي. پر اهو ٻڌايو ته ملڪ ۾ بُکايل ٻارڙن جي روئڻ تي ڪيئن پابندي لڳائيندئو؟. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته، اوهان اسان کي گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪرڻ جو شوق پورو ڪيو پر اسان هاڻي خاموش نه ويهنداسين، عوامي طاقت آڏو ظالم بيهي ناهن سگهندا، سليڪٽڊ شخص جو غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *