Friday , March 29 2024

ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ لاءِ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت پهرين ڏينهن کان رابطن ۾ هئڻ جو انڪشاف

وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت پهرين ڏينهن کان رابطن ۾ آهن، ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ چاهيون ٿا: اٽارني جرنل خالد جاويد خان

ڪراچي (رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جي والار ۽ آئيلينڊ اٿارٽي قائم ڪرڻ واري آرديننس تي پهرين ڏينهن کان هڪٻئي سان رابطي هجڻ جو انڪشاف ٿيو، اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد خان چيو آهي ته، صدارتي آرڊيننس ۾ سنڌ حڪومت جي تجويزن کي شامل ڪري ان ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي ۽ ان بابت صلاح مشورا هلندڙ آهن. اٽارني جنرل خالد جاويد خان سنڌ هاءِ  ڪورٽ ۾ ٻيٽن واري معاملي بابت صدارتي آرڊيننس خلاف سينئر ايڊووڪيٽ شهاب اوستو ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت پاران اٽارني جنرل خالد جاويد خان، سنڌ حڪومت جو وڪيل به پيش ٿيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ داخل ٿيل نين درخواستن تي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت سميت واڳيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا.

ايڊووڪيٽ شهاب اوستو جي درخواست تي وفاقي حڪومت جي نمائندي اٽارني جنرل خالد جاويد خان عدالت کي ٻڌايو ته، ڏنگي ۽ بُنڊاڙ ٻيٽن تي اڏڻ لاءِ وفاي حڪومت پهرين ڏينهن کان سنڌ حڪومت سان رابطي ۾ آهي، وفاقي سرڪار آئيلينڊ اٿارٽي قائم ڪرڻ لاءِ جاري ڪيل آرڊيننس خلاف سنڌ اسيمبلي مان منظور ٿيل ٺهراءُ جو احترام ڪري ٿي، اسان قانون کان مٿانهون ڪوبه ڪم قدم نه کڻنداسين، گڏيل سهڪار لاءِ سنڌ حڪومت ۽ ان جي لاڳاپيل اختيارين سان رابطن ۾ آهيون، هن چيو ته ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري معاملي تي وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت کي مڪمل اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ڪوبه ڪم نه ڪندي ۽ ٻيٽن تي فوري طور ڪوبه ڪم نه پيو ڪيو وڃي. اٽارني جنرل خالد جاويد خان عدالتي ڪارروائي کانپوءِ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ سرڪار جيڪي به ترميمون تجويز ڪندي، انهن کي پاڪستان ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ واري آرڊيننس ۾ شامل ڪيو ويندو، هي معاملو عدليه جي بُنياد تي حل ٿيڻ وارو نه آهي، وفاق چاهي ٿو ته سنڌ جي عوام جي مفادن ۾ ٻيٽن تي شهر اڏڻ گهرجي، سنڌ جي عوام کي يقين ڏياريون ٿا ته سندن ڪوبه حق پائمال نه ٿيندو.

سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي حڪومت جي والار تحريڪ انصاف جا خاموش حمايتي ايم پي ايز

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *