Thursday , April 25 2024

ٻن ڏينهن دوران ڪوئيٽا، مڪران ۽ قلات ڊويزن سميت سنڌ ۾ رڳو ڪراچي ۾ مينهن وسڻ جو امڪان

ڪراچي ( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ ) ٻن ڏينهن دوران ڪنهن وقت به مينهن وسي سگهي ٿو. موسميات کاتي پاران جاري ڪيل اڳڪٿي ۾ چيو ويو آهي ته، ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران سرءُ جي مند جو آخري وسڪارو ٿيندو. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهه جي هوائن جو سلسلو اڄ بلوچستان ۾ داخل ٿيندو جنهن سبب ڇنڇر ۽ آچر ڏهاڙي ڪراچي ۾ برسات پئجي سگهي ٿي. برسات سبب گرمي پد گهٽ ٿيڻ ۽ موسم سرد ٿيڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ڪوئيٽا، مڪران ۽ قلات ڊويزن ۾ برساتون ٿيڻ جو امڪان آهي. شهر ۾ گرمي پد گهٽ ۾ گهٽ 13 ڏهائي پنج ڊگري ۽ موجوده گرمي پد 25 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *