Saturday , April 20 2024

ٻن ڏينهن جي برسات، ڪراچي ۽ حيدر آباد ۾ 15 ارب رپين  جو نقصان

ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ برسات، زندگي جو ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو، 15 ارب رپين جو گهاٽو

ڪراچي (رپورٽر   سنڌسماءَچار) ڪراچي ۽ حيدر آباد ۾ چوماسي جي ٻن ڏينهن واري منهن دوران ڪاروهنوار ٺِپ ٿي ويو، ٻن ڏينهن دوران مجموعي طور تي 15 ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي، آل پاڪستان تاجر اتحاد جي چيئرمين عتيق مير جو چوڻ هو ته سومر کان پيل برساتن توڙي بجلي جي بريڪ ڊائون سبب ڪاروبار نه هئڻ جي برابر ٿيو ۽ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪاروهنوار بند رهيو آهي. هن ٻڌايوته سومر تي فجر کان شروع ٿيل برسات سڄو ڏينهن وسندي رهي، جنهن ڪري ڪاروبار کليل هجڻ باوجود گراهڪ نه اچڻ ڪري واپاري شام ڌاري پنهنجو ڪاروبار بند ڪري گهرن ڏانهن رواناٿيا، هن چيو ته سومر تي ماڻهن جو رخ تفريح گاهن ۽ کاڌي جي دڪانن طرف هو، اڱاري تي به وڌيڪ برسات پوڻ، بجلي لاڳيتو بند هجڻ ۽ اڳ ۾ پيل برساتن جو پاڻي بيٺل هجڻ سبب مارڪيٽون ويران رهيون. عتيق مير جو چوڻ هو ته برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ بجلي مڪمل طور بحال نه ٿيڻ ڪري اڄ به ڪاروباري سرگرميون مڪمل طور بحال نه ٿي سگهنديون. ٻئي پاسي حيدرآباد جي ٽنهي شهري تعلقن قاسم آباد، لطيف آباد ۽ حيدرآباد ۾ به ڪاروباري سرگرميون نه هجڻ جي برابر رهيون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *