Friday , April 19 2024

ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان غريبن لاءِ تبديلي سرڪار جو وري ٻيو تحفو

وفاقي حڪومت دوائون 15 سيڪڙو مهانگيون ڪري ڇڏيون

اسلام آباد( سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ ) تبديلي ۽ مهانگائي خلاف ڌرڻا هڻندڙ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت، تيل، گئس، ايل پي جي ۽ ڊالر مهانگو ڪرڻ کانپوءِ وري عوام مٿان ٻيو مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي. وفاقي سرڪار دوائن مهانگيون ڪري ڇڏيون آهن. وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي دوائون مجموعي طور تي 15 سيڪڙو مهانگيون ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. دوا ٺاهيندڙ ڪمپنيون ڪافي عرصي کان دوائن جي اگهن ۾ واڌ جو مطالبو ڪري رهيون هيون، جنهن لاءِ ڪمپنين سپريم ڪورٽ سان به رابطو ڪيو ۽ ان کانسواءِ حڪومت کي دوائن جي فراهمي بند ڪرڻ جي به ڌمڪي ڏني هئي.ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي اڄ فارما سيوٽيڪل ڪمپنين جو مطالبو تسليم ڪندي دوائن جي اگهه ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن موجب مختلف دوائن جي اگهن ۾ 9 کان 15 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي وئي آهي، نوٽيفڪيشن موجب ڪمپنين کي اگهن ۾ واڌ دوائن جي پيڪنگ تي لکڻي پوندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *