Friday , March 29 2024

ٻلي ٿيلهي مان نڪري آئي: فاروق ستار پاران ايم ڪيو ايم کي1986واري حالت ۾ بحالي جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر    سنڌسماءَچار) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ايم ڪيو ايم کي 1986 واري حالت ۾ بحال ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته، پارٽي کي تنظيمي بحران مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ 22 رڪني ڪميٽي جوڙي آهي. ڪراچي ۾ پنهنجي گهر پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته، منهنجو پهريون مقصد 1986 واري ايم ڪيو ايم کي بحال ڪرڻ آهي، انٽرا پارٽي اليڪشن ذريعي ئي مسئلن مان نڪري سگهجي ٿو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته پارٽي کي تنظيمي بحران مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ 22 رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي، او آر سي ۾ وڌيڪ نالا شامل ڪيا ويندا. هن چيو ته خبر آهي ته منهنجي بيان تي بهادر آباد وارا تنقيد ڪندا پر هن جو جواب به آئون پاڻ ڏيندس. سندس چوڻ هو ته خالد مقبول صديقي چيو هو ته پارٽي مان آمريت ختم ٿي وئي پر 15 جون تي منهنجي واپسي کانپوءِ به سموري رابطا ڪميٽي سان صلاح مشورا نه ڪيا ويندا هئا، رابطا ڪميٽي تي ڪجهه ماڻهو پنهنجا فيصلا مڙهن ٿا. فاروق ستار جو چوڻ هو ته چونڊن ۾ اميدوارن کي ٽڪيٽس جاري ڪرڻ دوران قائدن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ۽ پئسن وارن ماڻهن کي ٽڪيٽس جاري ڪيون ويون. ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو ته ڪجهه ماڻهو ايم ڪيو ايم تي قبضو ڪري ويٺا آهن جيڪي پاڻ ڪنهن به شئي جي قابل نه آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *