Friday , March 29 2024

ٺٽو:چوهڙ جمالي ويجهو سنڌو درياءَ ۾ ٻيڙي ٻڏي وئي، 4 ڄڻا ٻڏي ويا، لاش هٿ نه آيا

ٺٽو: چوهڙ جمالي ويجهو سنڌو درياهه ۾ هوڙو ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ٻڏي ويل نينگري ۽ ٽن پورهيتن جي ڳولا هلندڙ ريسڪيو آپريشن اوندهه ٿيڻ سبب روڪيو ويوآهي جيڪو ڇنڇر ڏينهن صبح جو ٻيهر شروع ڪيو ويندو.

، چوهڙ جمالي جي ڪچي ۾ قادر ڏنو شاهه واري علائقي ۾ سنڌو درياهه پار ڪرڻ دوران 8 پورهيت ٻڏي ويا هئا، جن مان چئن کي موقعي تي موجود ماڻهن بچائي ورتو. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻڏي ويل باقي چئن پورهيتن ابراهيم، سڪندر، رمضان ۽ سندس 6 ورهين جي ڌيءَ جي ڳولا پڻ ڪئي پر اهي هٿ اچي نه سگهيا، جنهن بعد نيوي جا ٽوٻا گهرايا ويا. نيوي طرفان ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ريسڪيو آپريشن ڪيو ويو پر هڪ به پورهيت هٿ اچي نه سگهيو ۽ اونداهي ٿيڻ ڪري آپريشن روڪيو ويو. انتظاميه جو چوڻ آهي ته صبح ڌاري ٻيهر ريسڪيو آپريشن شروع ڪري پورهيتن جي ڳولا ڪئي ويندي. ڳوٺاڻن موجب پورهيت مرچ پٽڻ جي لاءِ درياهه جي ٻئي پار وڃي رهيا هئا ته سندن هوڙو ڪلٽي ٿي پيو..

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *