Friday , March 29 2024

ٺري ميرواهه ۾ روحاني والد جي معصوم اولاد سان بدفعلي، وڊيوز به رڪارڊ ڪندو رهيو

سارنگ شر جي آپگهات جون خبرون به سوشل ميڊيا جي زينت بڻيل، وارثن تصديق نه ڪئي

ٺري ميرواهه ( خصوصي نمائندو سنڌسماءَچار) ٺري ميرواهه ۾، شاگردن جي روحاني والد سمجهيو ويندڙ استاد جي پيشي سان واڳيل رٽائرڊ هيڊ ماستر ۽ خانگي ڪاليج هلائيندڙ سارنگ خان شر جي 7 ورهين جي پنهنجي شاگرد( استادن کي روحاني والدين جو درجو ڏنو ويندو آهي ۽ شاگردن کي سندن روحاني اولاد) کي پنهنجي وحشت جو نشانو بڻائي سندس وڊيو به رڪارڊ ڪندو رهيو. 20 سالن کان وڌيڪ عرصي کان ٺري ميرواهه ۾ رهندڙ فيض گنج واسي رٽائرڊ استاد سارنگ شر  پاران 7 ورهين جي هڪ شاگرد کي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ واري عمل دوران سڄي عمل جي وڊيو به رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا بعد ۾ سوشل ميڊيا تي به وائر ڪئي وئي.

ٺري ميرواهه واسي متاثر نينگر جي والد جو چوڻ آهي ته سارنگ شر سندس پٽ سان برو ڪم ڪرڻ جي وڊيو رڪارڊ ڪئي، کيس ڪنهن سان به ڳالهه ڪرڻ جي صورت ۾ نقصان جون به ڌمڪيون ڏنيون، نينگر سان بدفعلي جي وڊيو ۾ پنهنجي وحشت جو مظاهرو ڪندي نظر اچي رهيو آهي، سارنگ شر خلاف ان نينگر سان بدفعلي ۽ وڊيو ڀرڻ جو  ٺري ميرواهه ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ان نينگر جي وڊيو منظر تي اچڻ کانپوءِ ٺري ميرواهه واسي  هڪ ٻئي نينگر جي والاد به ٿاڻي تي پهچي درخواست ڏني ته سارنگ شر وٽ ٽيوشن پڙهندڙ سندس پٽ کي به پنهنجي وحشت جو نشانو بڻايو ۽ ان جي به وڊيو رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي. ان نينگر جي والد جي فرياد تي سارنگ شر خلاف ساڳئي نوعيت جو هڪ وڌيڪ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ دهشتگردي ايڪٽ جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن. ٺري ميرواهه پوليس هن وقت تائيين درندگي جو مظاهرو ڪندڙ سارنگ شر کي گرفتار ناهي ڪري سگهي. سارنگ شر پاران شاگرد سان بدفعلي واريون وڊيوز منظر تي اچڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا سميت سنڌ جي سڄاڻ ڌرين ۾ سخت ڪاوڙ ڦهليل آهي. سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته سارنگ شر کي فوري طور تي گرفتار ڪري کيس سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، سمورا ثبوت وڊيو جي صورت ۾ موجود آهن، پوليس کيس جلد گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪري.

سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي پنجاب جي پنج ضلعن جون بنجر زمينون آباد ڪرڻ جون تياريون

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *