Thursday , April 18 2024

ٺاروشاهه: وحشي جوابدار جي 14 ورهين جي نينگري سان جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش، رڙين تي کيس باهه ڏئي ساڙي ماري ڇڏيو

rape 3

ٺاروشاهه ۾ جوابدار پاران 14 ورهين جي  ذهني مريض نينگري سان مبينا جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش دوران دانهون ڪرڻ تي کيس  باهه ڏئي ڀڄي ويو، نينگري اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي، پوليس ٻن عورتن سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ٺاروشاهه شهر جي وارڊ نمبر 4 ۾ جوابدار شاهد شيخ  نينگري صائما تنيو سان مبينا طور جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي ذهني معذور نينگري دانهون ڪيون.

نينگري پاران دانهون ڪرڻ تي جوابدار شاهد شيخ نينگري کي باهه ڏئي ڀڄي ويو، نينگري جي رڙين تي وارثن پهچي کيس اسپتال کڻي وڃي رهيا هئا ته نينگري صائما تنيو زخمن جي سٽ نه سهندي نوشهرو فيروز اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

نينگري جي پيءُ رفيق تنيو ٿاڻي تي دانهيندي چيو ته جوابدار شاهد شيخ سندس معصوم ٻارڙي کي جنسي حوس جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن پاڻ بچائڻ لاءِ رڙيون ڪيون.

نينگري جي والد جو چوڻ هو ته مزاحمت ڪرڻ تي جوابدار کيس باهه ڏئي ڇڏي.

هن چيو ته نياڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٺاروشاهه اسپتال منقتل ڪيو، پر اتي ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ سبب سندس نياڻي ڪيتري دير تڙپندي رهي.

هن چيو ته نياڻي کي نوشهروفيروز کڻي وڃڻ لاءِ جڏهن اسپتال جي ايمبولينس گهري ته انتظاميا تيل نه هجڻ جو جواز ڄاڻايو، جنهن بعد شهرين چندو گڏ ڪري اسپتال جي ايمبولنس ۾ تيل وجهرائي نينگري کي نوشهروفيروز اسپتال نيو ويو.

نينگري جي والد رفيق تنيو چيو ته جيڪڏهن ٺاروشاهه اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر موجود هجي ها ۽ نياڻي جو وقت سر علاج ٿئي ها ته سندس حياتي بچي وڃي ها.

ٺاروشاهه پوليس نينگري سان جنسي ڏاڍائي ۽ کيس باهه ڏئي ساڙڻ واري ڪيس ۾ جوابدارشاهد شيخ جي گهرواري  بي بي شيخ ۽ پيءُ مولابخش سميت  3 جوابدارن کي گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

rape 1

پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد سندس مڙهه وارثن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ابتدائي طور تي واقعي جي اين سي داخل ڪئي آهي، وارثن جي اچڻ بعد ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.

واقعي بابت ايس ايس پي نوشهروفيروز ڪي تي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته واقعو انتهائي افسوسناڪ  آهي، ٻارڙي سان زيادتي ٿي آهي يا نه ان جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته واقعي جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي آهي، جيڪا جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهي آهي، جوابدار شاهد شيخ کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

ڪرونا وائرس تيزي سان ڦهلجڻ لڳو، سنڌ ۾ مريضن جو انگ 1020 ٿي ويو

 سنڌ ۾ ڪرونا جي مريضن جو انگ 1020، پنجاب ۾2040 ٿي ويو پاڪستان ۾ مريضن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *