Thursday , March 28 2024

يو اَي اِي کانپوءِ بحرين به اسرائيل سان معاهدو ڪري ڇڏيو، ٽرمپ پاران خووشي جو اظهار

اسرائيل سان لاڳاپا بحال ڪرڻ ۾ گڏيل عرب امارات کانپوءِ بحرين ٻيو عرب ملڪ بڻجي ويو

واشنگٽن ( مانيٽرنگ ڊيسڪ  سنڌ سماچار) گڏيل عرب امارات کان پوءِ بحرين به اسرائيل کي تسليم ڪندي سان دوستاڻا ۽ سفارتي لاڳاپا رکڻ جو معاهدو ڪري ورتو آهي، امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽويٽ ڪندي چيو آهي ته اڄ هڪ ٻيو تاريخي فيصلو ٿي ويو آهي، جنهن ۾ اسان جي ٻن عظيم دوستن اسرائيل ۽ بحرين امن معاهدو ڪري ورتو آهي، ٽرمپ ٽويٽر تي اسرائيل ۽ بحرين وچ ۾ ٿيل معاهدو جاري ڪندي وڌيڪ چيو آهي ته، بحرين جي شاهه حماد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه ۽ اسرائيلي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو وچ ۾ اڄ ڳالهيون ٿيون ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته اسرائيل ۽ بحرين وچ ۾ سفارتي لاڳاپا مڪمل طور قائم ڪيا ويندا، پڌرنامي ۾ ان کي هڪ ٻي وڏي اڳڀرائي قرار ڏنو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ سميت سڌي ريت ڳالهين جي بحالي سان وچ اوڀر ۾ هاڪاري تبديلي جو عمل تيز ٿيندو ۽ خطي جي استحڪام، سلامتي ۽ خوشحالي ۾ اضافو ٿيندو. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته آمريڪا ان معاهدي جي آجيان ڪري ٿو، ڌريون اسرائيل – فلسطين تڪرار جي منصفاڻي، جامع ۽ جٽادار حل لاءِ ڪوششون جاري رکنديون ته جيئن فلسطين جي عوام کي ان جو جائز حق ملي سگهي. پڌرنامي ۾ چيو ويو ته اسرائيل ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي آهي ته امن جي نظريي تحت سمورا مسلمان جيڪي امن جي دائري ۾ ايندا انهن کي مسجد اقصيٰ ۽ والاريل بيت المقدس اچڻ ۽ عبادت ڪرڻ جي اجازت هوندي. واضح رهي ته بحرين 30 ڏينهن اندر متحده عرب امارات بعد اسرائيل سان امن معاهدو ڪندڙ ٻيو عرب ملڪ بڻجي ويو، جڏهن ته متحده عرب امارات جي اسرائيل سان معاهدي تي سعودي عرب، ترڪي ۽ پاڪستان ردعمل ظاهر ڪيو هو.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *