Friday , March 29 2024

يو اَي اِي شهري ۽ سعودي جي جنرل کي ڪراچي ۾ زمين ڪيئن ملي؟

هتي سڀني جي  ملي ڀڳت آهي، هي سڀ ماڻهو جيل ويندا، ويڪائو ماڻهو اسان جي اڳيان نه آڻيو: سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ جو جج، جسٽس گلزار احمد

ڪراچي ( ڪورٽ رپورٽر    سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ راشدمنهاس روڊ تي قطر جي شهري کي زمين الاٽ ڪرڻ واري ڪيس ۾ نيب جي رپورٽ کي رد ڪندي نيب اختيارين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته هتي سڀني جي ملي ڀڳت سان سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي، قطري شهري کي زمين الاٽ ڪرڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ نيب چيئرمين کي هدايت ڪئي پر جاچ وري هڪ نيب  هڪ عام آفيسر کان ڪرائي وئي، جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو ته نيب جي رپورٽ کي رد ٿا ڪريون، اُهو نه وساريو ته هي سڀ ماڻهو جيل ويندا، ويڪائو ماڻهو اسان جي اڳيان نه آڻيو. عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالتي رمارڪس ۾ چيو ويو ته هڪ پرڏيهي ۽ يو اي اي جي شهري کي اسان جي ملڪ ۾ زمين ڪيئن الاٽ ٿي سگهي ٿي؟ اُن پرڏيهي شخص جون اسان جي ملڪ لاءِ ڪهڙيون خدمتون آهن؟ هڪ سعودي جنرل کي به ڊفينس ۾ زمين الاٽ ڪئي وئي، اسان اُها رد ڪري ڇڏي. جسٽس گلزار احمد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان ملڪ کي ڪهڙي حال تائي پهچائي ڇڏيو آهي، ائين نه ڪريو. اسان کي ڪوڙيون رپورٽس نه ڏيو، روينيو بورڊ وارن سوڌو هتي سڀ مليل آهن. جسٽس سجاد علي شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو ته رپورٽ ۾ ته اهو ٻڌايو ئي ناهي ويو ته 2 ايڪڙ زمين ڪهڙي قانون تحت پرڏيهي شهري کي الاٽ ڪئي وئي. عدالت نيب چيئرمين کان نئين سر رپورٽ طلب ڪندي چيو ته نيب جي جاچ آفيسر جي رپورٽ قبول جوڳي ناهي. واضح رهي ته نيب طرفان سُپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قطري کي الاٽ ڪيل زمين فلاحي پلاٽ جي ناهي، شڪات ڪندڙ اهڙا ڪي به ڪاغذ پيش ناهن ڪيا، جنهن مان لڳي ته اُها فلاحي پلاٽ جي زمين آهي.

ڪراچي ۾ راشد منهاس روڊ تي الادين پارڪ ڀرسان قطري شهري کي زمين الاٽ ڪرڻ بابت نيب پاران پيش ڪيل رپورٽ کي رد ڪندي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته، سڀني جي ملي ڀڳت آهي، اسان جي اڳيان ويڪائو ماڻهن کي نه آڻيو. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ الادين پارڪ ڀرسان 2 ايڪڙ زمين قطري کي الاٽ ڪرڻ جي حوالي سان ٻڌڻي ٿي. عدالت نيب اختيارين طرفان پيش ڪيل رپورٽ کي رد ڪندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان سڀني جي ملي ڀڳت آهي، نيب چيئرمين کان رپورٽ طلب ڪئي هئي، توهان وري جاچ آفيسر کان رپورٽ تيار ڪرائي ورتي. جسٽس گلزار احمد چيو ته نيب جي رپورٽ کي رد ٿا ڪريون، اُهو نه وساريو ته هي سڀ ماڻهو جيل ويندا، ويڪائو ماڻهو اسان جي اڳيان نه آڻيو، اسان جو ملڪ هلائڻ لاءِ ڪيترا ماڻهو پيدا ٿيندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *