Friday , March 29 2024

يوٽرن وٺڻ عظيم اڳواڻ هجڻ جي نشاني آهي: وزيراعظم عمران خان

ابوظهبي (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان يوٽرن وٺڻ کي عظمي عمل قرار ڏيندي چيو آهي ته، يوٽرن وٺندڙ ئي عظيم اڳواڻ ثابت ٿيندو آهي. وزيراعظم سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽويٽر تي جاري ڪيل پنهنجي هڪ پيغام ۾ واضع طور تي  چيو آهي، ”مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ يوٽرن وٺڻ عظيم ليڊرشپ جي سڃاڻپ هوندي آهي“، وزيراعظم عمران خان پنهنجي پيثام ۾ چيو آهي ته، يوٽرن نه وٺندڙ وڏو ليڊر نه ٿهو ٿي سگهي. هن چيو آهي ته، يوٽرن الڳ شئي آهي پر، ”جڏهن ته ناجائز طريقي سان حاصل ڪيل رقم کي بچائڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ بي ايمان جي سڃاڻپ هوندي آهي“. وزيراعظم آچر ڏينهن گڏيل عرب امارات جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ويل هو، جتان جاري ڪيل هڪ ڌار بيان ۾ چيو آهي ته، يو اي اي پاڪستان جو بهترين نه رڳو دوست ملڪ آهي پر ان سان ڀائپي وارا لاڳاپا آهن. يو اَي اِي سان واپار، سيڙپڪاري، زراعت ۽ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. گڏيل عرب امارات سان هيل تائين مختلف شعبن ۾ ڪيل معاهدن تي جلد عملي روپ وٺرايو ويندو ۽ پاڪستان دبئي ۾ ٿيندڙ ايڪسپو 2020 ۾ ڀرپور حصو وٺندو، ان سلسلي ۾ يو اي ايس سان آءِ  ٽي جي شعبي ۾ مين پاور مهيا ڪرڻ تي به ڳالهيون ٿيون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *