Tuesday , April 16 2024

يقين آهي ته هارون بلور جي قتل ۾ طالبان نه پر اسان جا پنهنجا ماڻهو ملوث آهن: غلام احمد بلور

پشاور( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سينئر اڳواڻ غلام احمد بلور دعويٰ ڪندي  چيو آهي ته، سندس ڀائيٽيي هارون بلور جي قتل ۾ طالبان نه پر اسان جا پنهنجا ماڻهو منلوث آهن، جن هن وقعي مان فائدو حاصل ڪيو. غلام احمد بلور پشاور ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته، جيتوڻيڪ طالبان سندس ڀائيٽيي شهيد هارون بلور تي آپگهاتي حملي جي ذميواري به قبول ڪئي آهي پر ذاتي طور تي هُو پاڻ ان دعويٰ يا ڌماڪي جي طلابان پاران قبولداري واري بيان سان متفق ناهي.

اي اين پي پاران قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 35 تي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ۽ اي اين پي جي سينئر اڳواڻ غلام احمد بلور پنهنجي دعويٰ ڪرڻ دوران نجي ٽي وي جي رپورٽر سان ڪيل ڳالهه ٻولهه دورڪي به واضع شاهديون پيش يا ڪو حوالو ته پيش نه ڪيو آهي، پر ان ڳالهه تي قائم رهيو ۽ چيو ته، هارون بلور جي شهادت ۾ اندروني عنصر ملوث آهن. هن چيو ته، هارون جي قتل ۾ اهي ملوث آهن، جن ان جي شهادت جي فوري بعد فائدو ورتو، ڌماڪي سان طالبان کي ڪو به فائدو ناهي ٿيو. هن چيو ته، جيڪي ماڻهو اهو سمجهن پيا ته هارون بلور جي شهادت سان اي اين پي يا بلور خاندان ڊڄي ويندو اهي ڀليل آهن، اسان نه اڳ شهادت کان ڊنا آهيون ۽ نه هاڻي ڊڄنداسين، دشمنن ۽ مخالفن جي اهڙي خواهش ڪڏهن به پوري نه ٿيندي. اي اين پي هارون بلور جي جاءِ تي پي ڪي 78 لاءِ ٻيو اميدوار بيهاريندي ۽ ڪاميابي اي اين پي کي ملندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *