Thursday , April 25 2024

وکريل وجود جون وکريل سٽون- هي جو پوڙهو جهور…!!! – اصغر آزاد

وکريل وجود جون وکريل سٽون – اصغر آزاد

تون ڇا ڄاڻين ته مزاحمت ڇا ٿيندي آهي، معاشري جي رائج رسمن، رواجن، بي سود روايتن، وقت جي زميني خدائن سان سڌو ٽڪراءَ ۾ اچڻ جي قيمت ڪيئن ادا ڪبي آهي، اوهان ڇا ڄاڻو. عورتن کي علاج لاءِ گهر کان ٻاهر ڪڍڻ کي به عيب سمجهندڙ سماج سان ڪيئن مزاحمت ڪبي آهي. ڌاڳن، ڦيڻن، درگاهن تي مٿا ٽيڪڻ کي دنيا ۽ آخرت جي ڇوٽڪاري جو اڪيلو دڳ سمجهڻ، ڪنهن پير، مير جي سامهون جبل ٿي بيهي رهڻ جي قيمت ڪيئن ادا ڪبي آهي، ان شخص کي اوهان سيکاريندؤ، ته احتجاج ڇا ۽ ڪيئن ٿيندو آهي.

جنهن سماج ۾ هن جي ڀرپاسي ۾ بيٺل معمولي ماڻهو ڏسندي ئي ڏسندي ڪروڙ پتي بڻجي وڃن ۽ هُو پنهنجي اصولن سان گڏ بيٺل هجي، ان کي سيکاريندؤ ته هيئن ڪبو آهي، هي مسئلو هيئن حل ڪرائجي، اوهان هيئن ڇو نه ٿا ڪيو. صلاح ڏيڻ ڪو حرج ڪونهي پر ان ۾ شامل بدنيتي کي نه سمجهي سگهجي، اهو هن ڪارونجهر جهڙي شخص لاءِ سمجهڻ ڏکيو ڪونهي. جهريل صحي پر پنهنجي اهميت کان انڪار ڪندڙن کان بينياز موهن جي دڙي جي اسٽوپا جهڙي هن شخص جي هڪ ڏينهن جي گهاريل زندگي جيان گذاري پوءِ کيس پنهنجي درست هجڻ جي ڳالهه ڪيو.


ها..! سندس جهونن ساٿين جي وڇوڙي کانپوءِ به هن انهن جو وڇوڙو روڳ بڻائڻ يا پاڻ کي اڪيلو سمجهي ڪو فراريت وارو دڳ ڪو نه ورتو. هُن جدوجهد کي ئي پنهنجو مقصد ڄاتو، جنهن کي بنا ڪنهن ڊپ جي ساڳئي جوڀن وارن ڏينهن جيان نئين سري سان اڳتي وڌايو…. ها..! سندس جهونن ساٿين جي وڇوڙي کانپوءِ به هن انهن جو وڇوڙو روڳ بڻائڻ يا پاڻ کي اڪيلو سمجهي ڪو فراريت وارو دڳ ڪو نه ورتو. هُن جدوجهد کي ئي پنهنجو مقصد ڄاتو، جنهن کي بنا ڪنهن ڊپ جي ساڳئي جوڀن وارن ڏينهن جيان نئين سري سان اڳتي وڌايو….

پڇڻو اٿؤ  ته پنهنجي شهر جي رستن کان پڇو، پڇو وڃي انهن رستن کان جن تي راتين جو ڪامريڊمرتضيٰ شر ۽ سندس ساٿي، ڪامريڊ خادم شر، ڪامريڊ ممتاز شر، علي شير بهڻ، فيض شر، محرم چانگ، سميت پنهنجي انيڪ دوستن سان گڏ هن سماج ۽ پنهنجي ديس واسين جو درد پنهنجو درد سمجهي ڪڏهن چانڊوڪين ته ڪڏهن اٺاويهين اونداهه جي راتين جو سفر ۾ لنڊيون لتاڙي پنهنجو سفر جاري رکندا هئا، تڏهن به ڪنهن ذاتي معاوضي لاءِ نه پر عام جي ڀلي لاءِ سفر ڪيا. هاڻي ماڻهو هن پوڙهي جهور جي مسلسل جدوجهد ۾ گذريل حياتي ۽ سندس ٻانهن ٻيلي بڻيل نوجوانن کي تنقيد جا نشتر هڻن ٿا ته پنهنجو شوق پورو ڪري ڏسن، ورندن ڪجهه به ڪو نه….

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *