Thursday , March 28 2024

وڏي وزير انٽر جي امتحانن ۾ ڪاپي روڪرائڻ لاءِ ڪائونٽرٽيررزم ڊيپارٽمينٽ کي ذميواريون سونپي ڇڏيون – سي ٽي ڊي ڪاپي ڪرائيندڙ ٽولي جي 4 ڄڻن کي سوگهو ڪري ورتو

MURAD SHAH

وڏي وزير انٽر جي امتحانن ۾ ڪاپي روڪرائڻ لاءِ ڪائونٽرٽيررزم ڊيپارٽمينٽ کي ذميواريون سونپي ڇڏيون – سي ٽي ڪاپي ڪرائيندڙ ٽولي جي 4 ڄڻن کي سوگهو ڪري ورتو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايمانداري سان انهن چئن ڄڻن کان پڇاڻو ٿيو ۽ ساڻن ڪا رعايت نه ٿي ته وڏا ڦاٽ ڦاٽندا.

سنڌ ۾ هلندڙ انٽر جي امتحانن دوران کُلئي عام ڪاپي ۽ سوالي پرچا وقت کان اڳ آئوٽ ٿيڻ واري مامري جو نيڄ نوٽيس وٺي ورتو آهي. ان سلسلي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه سي ايم هائوس ۾ هڪ هنگامي اجلاس سڏايو، جنهن ۾ اجلاس ۾ تعليم کاتي جو صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري يونيورسٽيز ۽ بورڊ نويد شيخ، سيڪريٽري ڪاليجز پرويز سيهڙ، ايڊيشنل آئي جي CTD ثناءُ الله عباسي، ايڊيشنل آئي جي ڪراچي مشتاق مهر، چيئرمين بورڊ پروفيسر انعام احمد، ڊي آئي جي CTD نويد خواجه ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وڏي وزير تعليم کاتي ۽ بورڊز جي انتظاميا تي سخت ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪاپي ئي ڪرائڻي آهي ته پوءِ امتحان وٺڻ وارو خفو ڇوٿو ڪيو وڃي شاگردن کي سڌو پاس ڪري ڇڏيو.

copy4

وڏي وزير جي ڪاپي خلاف سڏايل تڪڙي اجلاس لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته پيپرن جي ڇپائي ۽ ورڇ واري ڪم جي نگراني ضلعي انتظاميه ۽ پوليس گڏجي ڪندا. استادن سان گڏوگڏ شاگردن کي امتحاني مرڪزن تي سمارٽ فون کڻي اچڻ جي هرگز اجازت نه هوندي.

سنڌ جي سمورن امتحاني مرڪزن تي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.مراد علي شاهه چيو ته سڀني امتحان مرڪزن تي ضلعي انتظاميه جي نگراني ۾ سوالن واري پيپرن جو لفافو کوليو ويندو. هن انتظاميه کي هدايت ڪندي چيو ته سنڌ جا سڀئي ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ مختيارڪار پنهنجي لاڳاپيل ضلعن جي امتحاني مرڪزن تي موجود هوندا.

وڏي وزير سڀني لاڳاپيل بورڊ آفيسرن، جاچ عملي ۽ سپروائيزرن جا فون نمبر پڻ گهري ورتا. ۽ هن چيو ته صبح 8:30 کان ٻپهر 12:30 وچ ۾ فون جو استعمال ڪرڻ تي پابندي هوندي ۽ چيو ته خلاف ورزي ڪرڻ تي سخت ڪارووائي عمل ۾ آندي ويندي. موبائيل فون بند رهڻ سان جديد ٽيڪنالاجي ذريعي پيپر آئوٽ ٿيڻ جا امڪان گهٽجي ويندا. پيپر آئوٽ ٿيڻ ۽ ڪاپي واري غير قانوني عمل ۾ ڪابه مافيا ملوث هوندي ته انهيءَ خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي

copy000

 وڏي وزير سي ٽي ڊي کي هدايت ڪندي چيو ته مونکي جلد کان جلد سڀئي ملوث مافيا ۽ ٽولن کي جيل جي سلاخن اندر ڪري رپورٽ پيش ڪيو. سي ٽي ڊي وڏي وزير کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته ٽن گروپن تي ٻڌل ٽولا ڪاپي ڪرائڻ واري ڪڌي عمل ۾ ملوث آهن ۽ اسان گذريل رات کان انهن ملوث ٽولن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻون پيا. وڏي وزير چيو ته اڄ به ڪراچي ۾ پيپر آئوٽ ٿيڻ جون خبرون هلي رهيون آهن. منهنجي قوت برداشت جواب ڏئي رهي آهي مونکي هاڻي انهي عمل کي هر حال ۾ روڪڻو آهي. ڪراچي ۾ 118 امتحاني مرڪز آهن، مونکي هر مرڪز تي انتظاميه جو آفيسر گهرجي. سڀاڻ آئون پاڻ امتحاني مرڪزن جو دورو ڪندس جيڪڏهن مونکي ڪابه انتظامي يا سيڪيورٽي ڪوتاهي ڏسڻ ۾ آئي ته برداشت نه ڪندس.

copycopy3

ٻي طرف وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪاپي ڪرائڻ وارن مافيا ۽ ٽولن خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. وڏي وزير جي هدايتن بعد سي ٽي ڊي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري ڪاپي ڪرائڻ ۽ پيپر آئوٽ ڪرائيندڙ ٽولي جي 4 ڄڻن کي پڻ سوگهو ڪري ورتو آهي. سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدارن ابتدائي جاچ ۾ اهم انڪشاف ڪيا آهن، جنهن م ڪاپي ڪرائڻ واري ڪني ڪاروبار ۾ ملوث اهم ماڻهن جا نالا ب ه ٻڌايا آهن جن خلاف به جلد ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪورنگي، لانڍي، سٽي ڪاليج ۽ بفرزون سينٽرن تي سخت نگراني ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. 11 امتحاني مرڪزن جي تصديق ڪئي وئي آهي جتي مافيا ٽولا سرگرم آهن. وڏي وزير انهن 11 حساس امتحاني مرڪزن تي خاص سيڪيورٽي انتظام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. وڏي وزير چيو ته صوبي اندر ڪنهن به امتحاني مرڪزن تي انتظاميه جي غفلت برداشت نه ڪندس. صوبي اندر امتحاني مرڪزن تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن. بعد ۾ وڏي وزير پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت کي اڄ جي ميٽنگ بابت سمورن ڪمشنرن کي هدايتون جاري ڪرڻ لاءِ چيو.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *