Friday , March 29 2024

وڏو وزير مراد علي شاهه “ معاملا سڌا ” ڪرڻ ۾ ڪامياب، ڪي سي آر بابت به اهم فيصلا

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌ سماچار) سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه وفاق جي اهم شخصيت سان حڪومتي ۽ پارٽي “معاملا سڌا ” ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، ڪراچي سرڪلر ريلوي سميت اهم منصوبن بابت اهم فيصلا ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ سماءَچار کي اعتماد جوڳن ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، وفاقي حڪومت جي سنڌ حڪومت تي هلندڙ مختلف قسمن جي دٻاءَ جنهن ۾ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ سميت مختلف معاملن سبب سخت دٻاءَ جو شڪار پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت سان واڳيل اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪري معاملا سڌا ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه گذريل آچر ڏينهن 30هين آگسٽ کان خميس تائين اهم شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون، ملاقاتن دوران وڏو وزير ٻن وزيرن کي مڪمل اعتماد وٺندو رهيو، وڏي وزير سميت انهن وزيرن جو پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري سان به رابطي ۾ هو. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ مطابق وڏي وزير پارٽي قيادت کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي، وڏي وزير  ڪراچي سرڪلر ريلوي، پيئڻ جي صاف پاڻي واري ڪي فور منصوبي، سپر هاءِ وي تي نوري آباد ويجهو مخلتف رهائشي اسڪيمز لاءِ سهولتن ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻ، سنڌ حڪومت جي فنڊز، پرڏيهي مالياتي ادارن کان ملندڙ فنڊز/ قرض/ امداد تي شروع ٿيندڙ ترقياتي منصوبن کي بابت مخصوص قسم بابت فيصلا وفاقي حڪومت جي اهم شخصيتن جي صلاح مشوري ۽ طئي ڪيل روڊ ميپ مطابق انجام تائين پهچائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.

ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته مستقبل ۾ به وڏو وزير مراد علي شاهه طاقتور ڌرين ۽ وفاقي حڪومت جي فيصلن ۾ رنڊڪ نه بڻجندو، مراد علي شاهه اهڙن معاملن يا ته مڪمل طور تي خاموش رهندو يا وري، ممڪن حد تائين سهولت به مهيا ڪندو، مليل معلومات موجب وڏو وزير مراد علي شاهه انهن طاقتور ڌرين جي سنڌ اندر ٿيندڙ فيصلن بابت ڪنهن به وقت ڪو به فيصلو نه ڪندو.

ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جي منصوبي تي سنڌ حڪومت جي فنڊز مان ٺهندڙ 10 کان وڌيڪ، انڊر پاسز ۽ فلاءِ اوورز/ اوور پاسز ۽ ٽريڪ جي ٻنهي پاسن کان حفاظتي ڀت اڏڻ وارن سمورن ڪمن جا ٺيڪا به تازي ٿيل زباني معاهدن تحت ڏنا ويندا، جن مان ڪجهه منصوبن جي ٺيڪن بابت معاملا طئي به ڪيا ويا آهن. سنڌ سماچار کي مليل ڄاڻ مطابق، سنڌ اندر تازين برساتن دوران ٿيل تباهڪارين کانپوءِ مختلف منصوبن جا ٺيڪا به گڏيل صلاح مشورن سان ڏنا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *