Saturday , April 20 2024

ووٽرز پاران ملڪ اسد سڪندر کان پڇاڻي وارو سلسلو نه رڪيو، انڙ پور واسين جو پڇاڻو

ڄامشورو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پ پ اميدوار ملڪ اسد سڪندر کان پڇاڻو جاري آهي، ڪوٽڙي جي سائيٽ واري علائقي ۾ هڪ ووٽر پاران سندس گاڏي روڪي کائنس سخت پڇاڻو ڪيو هو، جنهن بعد انڙ پور ۾ به ڳوٺاڻن پڇاڻو ڪيو. ووٽرز ملڪ اسد سڪندر جي اُنڙ پور واري علائقي ۾ به چونڊ مهم دوران ووٽرز ملڪ اسد سڪندر جي گاڏيءَ کي روڪي ورتو، ملڪ اسد ووٽرز جي سوالن ۽ پُڇاڻي دوران موبائيل فون ذريعي وڊيو رڪارڊ ڪرڻ کان روڪيندو رهيو. ملڪ اسد  چونڊ مهم جي سلسلي ۾ انڙ پور پهتو ته ووٽرن سندس گاڏي جو گهيراءُ ڪري علائقي ۾ پاڻي جي کوٽ بابت سخت سوال ڪيا. ووٽرز ملڪ اسد کان سوال ڪيو ته اوهان جي تڪ ۾ پاڻي ۽ ٻيون بنيادي سهولتون اڻلڀ آهن، اوهان مسئلا حل ڪرڻ بدران سکڻا دلاسا ڏئي رهيا آهيو. ملڪ اسد سڪندر سوالن جا جواب ڏيڻ بدران ووٽرن کي موبائيل فون تي رڪارڊن کان روڪيندو رهيو. واضح رهي ته ملڪ اسد سڪندر پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي اين اي 233 ۽ پي ايس 82 ڪوٽڙي تان چونڊ وڙهي رهيو آهي.گذريل ڏينهن به ملڪ اسد سڪندر کان ڪوٽڙي جي دوري دوران ووٽرن سخت سوال ڪيا، پر هن سوالن جا جواب ڏيڻ بدران گاڏي جو شيشو بند ڪري هليو ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *