Thursday , April 18 2024

ولي خان يونيورسٽي ۾ قتل ڪيل شاگرد خلاف ڪو به اعتراض جوڳو مواد ناهي مليو، مامري جي عدالت جاچ ڪرايون پيا: پرويز خٽڪ

Mashal-khan-new1 Mashaal 112

مردان جي عبدالولي خان يونيورسٽي ۾ فائرنگ، تشدد ۽ ڀڃ ڊاهه دوران مارجي ويل شاگرد جو قتل ڪيس 20 ڄڻن خلاف  داخل ڪيو ويو آهي، پوليس 8 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، خيبر پختون خواه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ چيوآهي ته مارجي ويل شاگرد جي رڪارڊ مان اعتراض جوڳو ڪو به مواد نه مليوآهي، معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائي ويندي.

ڊي پي او مردان سعيد احمد چيو آهي ته ايف آءِ آر شيخ ملتون مردان ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ دهشتگردي جا ايڪٽ به شامل آهن.

ڊي پي او مردان جو چوڻ آهي ته پوليس ايف آءِ آر ۾ 20 ڄڻن کي نامزد ڪيو آهي، سي سي ٽي فوٽيجز جي مدد سان 8 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويوآهي.

ڊي پي او مردان جو چوڻ آهي ته وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽي ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جيڪي معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪنديون.

گذريل ڏينهن مردان ۾  عبدالولي خان يونيورسٽي  ۾ مڇريل شاگردن هاسٽل ۾ داخل ٿي مشعال نالي شاگرد تي تشدد ڪرڻ بعد مٿس فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو هو.

تشدد ۾ مارجي ويل شاگرد مشال جي جنازي نمازي صوابي جي زيد واري علائقي ۾ ادا ڪئي وئي.

خيبر پختون خواه جي وڏي وزير پرويز خٽڪ  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوآهي ته عبدالولي خان يونيورسٽي ۾مارجي ويل شاگرد جي رڪارڊ مان اعتراض جوڳو ڪو به مواد نه مليوآهي.

هن چيو ته واقعي بابت جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي،  معاملي جي عدالتي جاچ به ڪرائي ويندي.

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان سوشل ميڊيا تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾  چيو ته مردان يونيورسٽي واقعو افسوس جوڳو آهي، جهنگ جو قانون هلڻ نه ڏينداسين.

ياد رهي ته،

مرادن جي عبدالولي خان يونيورسٽي جي هڪ شاگرد مشعال خان پاران هاسٽل جي پنهنجي ڪمري ۾ ڪارل مارڪس ۽ چي گويرا جون لڳايل تصويرون سندس موت جو سنيهو بڻجي ويون.

ميڊيا رپورٽس موجب، مردان ۾ عبدالولي خان يونيورسٽي  ۾ شاگردن جي هڪ ٽولي توهين رسالت جي مبينا الزام هيٺ فائرنگ ڪري هڪ شاگرد کي اڌ مئو ڪرڻ بعد کيس سري عام تشدد جو نشانو بڻائي ماري ڇڏيو. جوابدارن پاران شاگرد مشعال خان جي ڪمري ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪئي. مشعال خان جي ڪمري ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد مشعال کي يونيورسٽي جي احاطي اندر ئي انسانيت سوز تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *