Friday , March 29 2024

وفاق کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ جعلي اڪائونٽس جو ڊرامون شروع ڪيو ويو آهي:حاصل بزنجو

ڪوئيٽا(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ نيشنل پارٽي (اين پي) جي سربراهه، 2013 ۾ اسٽبلشمينٽ جي مدد سان اليڪشن کٽڻ جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته هنن وقت ملڪ ”خاموش مارشل لا“ جي جڪڙ ۾ آهي جيڪا ملڪ ۾ لاڳو ڪيل گذريل ٽن سڌين مارشل لائن کان به وڌيڪ سخت آهي.ڪوئيٽا ۾ نيشنل پارٽي جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي حاصل بزنجو چيو ته، اسان تي ڪجهه ماڻهو الزام هڻي رهيا آهن ته، اين پي ،2013 جي چونڊن ۾ اسٽبلشمينٽ جي مدد سان سيٽون حاصل ڪيون، جيڪو الزام سراسر بي بنياد ۽ اسان کي بدنام ڪرڻ لاءِ لڳايو پيو وڃي. حاصل بزنجو ڪنوينشن جي افتتاحي سيشن کي خطاب دوران وڌيڪ چيو ته، هن وقت ميڊيا به سينسر شپ منهن ڏئي رهي آهي، اظهار جي آزادي انتهائي ڏکئي دور مان گذري آهي پر اڄڪلهه صورتحال اڃا وڌيڪ منجهائيندڙ آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته خاموش مارش لا جي دور مان گذري رهيا آهيون. هن چيو ته ارڙهين ترميم سان ڪنهن حد تائين صوبن کي پنهنجا حق مليا پر هاڻي وري ان ۾ به ترميم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، 18 هين ترميم ۾ ڦير ڦار تي اين پي سميت عوام دوست ۽ جمهوريت پسند ماڻهن کي سخت خدشا آهن، اسان ان معاملي تي ٻين هم خيال دووستن سان گڏ هونداسين. هن الزام لڳايو ته وفاق کي ڪمزور ۽ جمهوري قوتن کي دٻائڻ لاءِ جعلي بئنڪ اڪائونٽس جو ڊرامون ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسان ستين اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽائڻ جي ڪنهن به صوت ۾ حمايت نه ڪنداسين، اسان بلوچستان جي حقن تي ڪا به سوديبازي نه ڪنداسين ۽ نه وري ڪنهن کي ائين ڪرڻ ڏينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *