Thursday , April 25 2024

وفاق پاران سنڌ ۾ وفاقي حڪومت پاران هلندڙ منصوبن جي رقم سنڌ کي نه ڏيڻ جو فيصلو

هاڻي وفاق پاران سنڌ ۾ هلندڙ ڪنهن به ترقياتي منصوبي لاءِ رکيل فنڊز سنڌ حڪومت کي نه ملندا:وفاق جو نادرشاهي حڪم

اسلام آباد (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) سوفاقي سرڪار سنڌ ۾ وفاقي منصوبن لاءِ سنڌ حڪومت کي آئنده سڌا پئسا نه ڏيڻ جو اعلان ڪندي وفاقي اسڪيمز جي رقمن جي نگراني لاءِ گورنر عمران اسماعيل جي سربراهيءَ ۾ اعليٰ سطحي بااختيار ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ منصوبن لاءِ مراد علي شاهه اينڊ ڪمپني کي پئسا ڏيڻ جو مطلب اومني ۽ زرداري گروپ کي پئسا ڏيڻ آهي، اهي پئسا بعد ۾ دبئي ۽ لنڊن ۾ ملڪيتون خريدڻ لاءِ استعمال ٿيندا.

ڪابينا جي اجلاس بابت بريفنگ ڏيندي سڌسماءَ واري وزير فواد چوڌري چيو ته  وفاقي اسڪيمز جي رقمن جي نگراني لاءِ گورنر عمران اسماعيل جي سربراهيءَ ۾ اعليٰ سطحي بااختيار ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. فواد چوڌري  بريفنگ ڏيندي وڌيڪ چيو  ته ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ وفاقي ترقياتي رٿائن لاءِ مراد علي شاهه اينڊ ڪمپني کي پئسا ڏيڻ جو مطلب اومني ۽ زرداري گروپ کي پئسا ڏيڻ آهي، اهي پئسا بعد ۾ دبئي ۽ لنڊن ۾ ملڪيتون خريدڻ لاءِ استعمال ٿيندا. هن چيو ته ماضي ۾ ٻه هزار ارب رپيا  جيڪي سنڌ جي عوام تي خرچ ٿيڻا هئا، اهي دبئي ۽ لنڊن ۾ خرچ ڪيا ويا. فواد چوڌري چيو ته ٻه هزار ارب رپيا محلاتون خريد ڪرڻ ۽ پرائيويٽ جهازن جي ڪراين تي خرچ ٿيا، اڄ اهي ماڻهو تحريڪ هلائڻ  جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن،جيڪي ڪمرشل فلائيٽ تي لاهور کان ڪراچي نه ايندا آهن. فواد چوڌري چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجن ڪيسن تي ڌيان ڏئي،ڌمڪيون نه ڏئي،هن چيو ته پيپلز پارٽي جي چئن پنجن ماڻهن کي خبر ناهي ته ڇا ٿيو، باقي سنڌ جي هر ٻار کي خبر آهي ته پئسا ڪٿي خرچ ٿيا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *