Thursday , April 18 2024

وفاق سڀاڻي خيرپور، بدين ۽ عمرڪوٽ تي قبضو ڪندو: بلاول ڀٽو زرداري

ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ لاءِ آرڊيننس جاري ڪيو ويو، آرڊيننس واپس ٿيڻ تائين هنن سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، هاڻي عمران  خان جي گهر ڀيڙو ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي: بلاول

ڪراچي (چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو آهي ته وفاقي حڪومت رات جي اونڌاهي ۾ آرڊيننس جاري ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي قبضو ڪري ڇڏيو، سڀاڻي خيرپور، عمرڪوٽ ۽ بدين تي قبضُ ڪري ڇڏيندو، هاڻي آرڊيننس واپس وٺن تائين حڪومت سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون. بلاول هائوس ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي غير آئيني ۽ غير قانوني طريقي سان زمين جو هڪ ٽڪڙو به نه ڏينداسين، آرڊيننس بابت نه آگاهه ڪيو ويو نه ئي اعتماد ۾ ورتو ويو. ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن.

پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هي چون ٿا ته اسان ملڪ جي ترقي چاهيون ٿا، هي ترقي نه پر ملڪ ۽ قوم کي تباهه ڪري رهيا آهن، ملڪ ناڪامي طرف انڪري وڃي رهيو آهي جو هڪ نااهل، نالائق ۽ سليڪٽيڊ وڏي عهدي تي ويٺو آهي، ماضي ۾ عمران خان چوندو هو ته بجلي، گئس، پيٽرول ۽ عام واهپي جون شيون مهانگيون ٿين ته وزيراعظم ۽ ڪابينا ڪرپٽ آهي، پوءِ هن وقت جيڪا مهانگائي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عوام ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي ته وزيراعظم ڪير آهي، بلاول چيو ته هاڻي عمران خان جي گهر ڀيڙو ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي، اسان نه ڊناسين ۽ نه اهي جهڪائي سگهيا هي ڪريڪٽر اسان کي ڇا ڊيڄاريندو.

آئيلينڊ اٿارٽي جو چيئرمين مقرر، وڏو وزير مراد علي شاهه باخبر هئڻ باوجود خاموش

سنڌ حڪومت ٻيٽن بابت لک پڙهه ٽن مهينن کان لڪائيندي رهي

 

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *