Wednesday , April 24 2024

وفاق آءِ جي ذريعي سنڌ کي هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي:سنڌ حڪومت _ سنڌسرڪار اي ڊي خواجا کي غيرمؤثر بڻايو آهي: وفاقي حڪومت

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس منيب اختر  جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ سنڌ اسيمبلي پاران پوليس آرڊر 2002ع کي ختم ڪري 1861ع واري پوليس نظام کي بحال ڪرڻ بابت پوليس ايڪٽ 2011ع پاس ڪرڻ توڙي ان قانون تحت سنڌ پوليس جي آءِ جي اي ڊي خواجا کي عهدي تان هٽائي سندس خدمتون وفاق حوالي ڪرڻ ۽  ايڊيشنل آءِ جي سردار عبدالمجيد دستي کي قائم مقام آءِ جي مقرر ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواستن تي وفاقي سرڪار جو موقف ٻڌڻ بعد ٻڌڻي 2 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت اي ڊي خواجا کي هٽائي سندس جاءِ تي سردار عبدالمجيد دستي کي نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ خلاف جاري ڪيل منع نامي ۾ پڻ ايندڙ ٻڌڻي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي، ڪالهه عدالت ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته پاڪستان جي ايڊيشنل اٽارني جنرل سلمان طالب الدين آءِ جي سنڌ جي مقرري بابت  وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ٿيل معاهدي کي عدالت ۾ پيش ڪندي چيو ته هن وقت اي ڊي خواجا ئي سنڌ پوليس جو آءِ جي آهي پر کيس غير موثر بڻايو ويو آهي، هن چيو ته آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي نه ڪنهن اجلاس ۾ گهرايو وڃي ٿو ۽ نه ئي ساڻس مشاورت ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته هو امن امان جو ذميوار آهي، هن چيو ته آءِ جي سنڌ جي مقرري ۾ حتمي ڪردار وفاقي سرڪار جو ئي هوندو آهي، ان موقعي تي هن چيو ته 22 سيپٽمبر 1993ع تي وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ وفاق چئني صوبن جي گورنرن ۽ وڏن وزيرن معاهدو  ڪيو هو ته وفاق صوبن جي مشاورت سان چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي جي عهدن تي  مقرري ڪندو، جنهن لاءِ صوبا آل پاڪستان يونيفائيڊ گروپ سروس سان تعلق رکندڙ ڪنهن هڪ آفيسر  يا ان کان وڌيڪ آفيسرن جا نالا موڪلي سگهن ٿا، وفاق صوبن پاران اماڻيل نالن تي باقائده مشاورت ڪندو ۽ ان کانپوءِ چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي مقرر ڪري ڇڏيندو، پيش ڪيل معاهدي ۾ ڄاڻايل آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به سبب ڪري چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي جي مقرري لاءِ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مشاورت نه ٿي سگهي ته وفاق 15 ڏينهن اندر فيصلو ڪري پوسٽنگ ڪري سگهندو، معاهدي  ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته آل پاڪستان يونيفائيڊ گروپس سروس جي جن آفيسرن جون خدمتون صوبن حوالي ٿيل هونديون، صوبا انهن جون بدليون ۽ مقرريون ڪري سگهندا، ان موقعي تي ايڊووڪيٽ جنرل بئريسٽر ضمير گهمرو ايڊيشنل اٽارني جنرل پاران آءِ جي سنڌ کي غير موثر قرار ڏيڻ تي اعتراض ڪندي چيو ته وفاق آءِ جي ذريعي سنڌ کي هلائڻ چاهي ٿو، اهو چوڻ غلط آهي ته سنڌ سرڪار آءِ جي سنڌ کي غير موثر ڪري ڇڏيو آهي، آءِ جي سنڌ کي عهدي تان هٽائڻ وارو معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ۽ جيڪڏهن وفاق سمجهي ٿو ته آءِ جي پوليس جي مقرري جو اختيار وفاقي سرڪار کي آهي ته هو ان صورت ۾ وفاق کي آئين جي آرٽيڪل 184 جي سيڪشن 3 تحت سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ گهرجي، جنهن تي عدالت آبزرويشن ڏيندي چيو ته هي ڪيس پوليس ايڪٽ ۽ آءِ جي کي هٽائڻ بابت داخل ٿيل آهي، جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته آءِ جي کي غير موثر بڻايو ويو آهي ته ان کي ڌار درخواست داخل ڪرڻ گهرجي، ان موقعي تي عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جو وارو اچڻ تي توهان کي موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو، ان موقعي تي درخواستگذار پائلر جي وڪيل فيصل صديقي ٻيهر دليل شروع ڪندي سپريم ڪورٽ سميت اعليٰ عدليا جي مختلف فيصلن جا حوالا ڏنا، هن چيو ته پنجاب اسيمبلي پوليس آرڊر 2002ع ۾ ترميم ڪئي آهي پر سنڌ اسيمبلي ته پوليس آرڊر 2002ع کي مڪمل طور ختم ڪري 1861ع واري پوليس نظام کي بحال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي جسٽس منيب اختر چيو ته قانون شهادت جيڪو وفاقي قانون آهي ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن ان قانون جي ڪا شيءِ صوبائي قانون سان ٽڪراءُ ۾ آهي ته ان صورت ۾ صوبائي قانون کي برتري حاصل هوندي، ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن پوليس آرڊر کي بحال نه ٿو ڪري سگهجي ته گهٽ ۾ گهٽ صوبائي حڪومت کي پوليس ايڪٽ ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ چيو وڃي ته جيئن صوبي ۾ پوليس جو موثر نظام لاڳو ٿي سگهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *