Saturday , April 20 2024

وفاقي ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ انتظامي تڪرار نه ڪرڻ تي اتفاق

وفاقي ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ انتظامي تڪرار نه ڪرڻ تي اتفاق، سنڌ بئراج جو منصوبو به ان ڏيتي ليتي جي ڪڙي آهي:ذريعن جي دعويٰ

وزيراعظم عمران خان ۽ وڏو وزير مراد علي شاهه (فائل فوٽو)

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت لاڳاپر بهتر ڪري گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي، وفاقي حڪومت وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ سندس اعتماد وارن وزيرن گڏجي ڪم ڪندي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ” بااثرڌرين “ آصف زرداري ۽ عمران خان ان معاملي تي مداخلت نه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي اهي به راضي ٿي ويا آهن، وفاق سنڌ جا رهيل فنڊز جاري ڪرڻ ۽ بحرياٽائون واري رقم پاڻ وٽ رکڻ تي زور نه ڀريندو، معاملو عدالت تي ڇڏيو ويند. سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت وچ ۾ پهرين ڏينهن کان هلندڙتڪرار کي ختم ڪري ”ورڪنگ ريليشن شپ “ بهتر ڪرڻلاءِ گذريل ٽن مهينن کان هلندڙ ڪوششون ڪامياب ٿي ويون آهن، پيپلز پارٽي جي هڪ سينئر اڳواڻ سنڌسماءَچار کي ٻڌايو آهي ته، تحريڪ انصاف ۾ ويٺل پيپلزپارٽي جي ٽن اڳوڻن ۽ پيپلز پارٽي جي هڪ پنجاب ۽ هڪ سنڌ سان واسطو رکندڙ اڳواڻن وچ ۾ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي انتظامي معاملن کي بهتر نموني سان هلائڻ لاءِ انتظامي تڪرارن کان پاسو ڪرڻ، ڪجهه اڳواڻن کي رليف ڏيڻ ۽ نيب جي وڌيڪ ڪاررواين کي روڪڻ وارن ٽن نقطن تي ڳالهيون هلندڙ هيون، جيڪي سينيٽ چيئرمين خلاف عدم اعتماد واري تحريڪ واري معاملي تي ڊيڊ لاڪ جو شڪاريون ٿيون، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻ مداخلت ڪري وزيراعظم عمران خان ختم ڪرايو.

عمران خان آخر ڇو پ پ پ سان ڳالهائيندو؟ واري سوال پ پ پ جي ان سينئر اڳواڻ جو چوڻ هو ته، ” اصل ۾ آصف زرداري تي نيب ڪيسن جو دٻاءُ وڌي ويو آهي، معامو نواز شريف وارن ڪيسن کان به وڌيڪ ڳنڀير ٿي ويو آهي“. هن ٻڌايو ته ” هڪ موقعو اهو  به آيو جڏهن بلاول ڀٽو زرداري، ڊاڪٽر عذرا افضل پيچوهو، تعليم کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري فضل الله پيچوهو خلاف به ڪاررواين جو فيصلو ٿي چڪو هو؛ ان دوران سيد خورشيد شاهه، خورشيد جوڻيجو، سيد قائم علي شاهه، سردار شاهه ۽ خلاف به وٺ پڪڙ شروع ٿيڻ واري هئي“، هن ٻڌايو ته ” انهن مان خورشيد شاهه ۽ سيد قائم علي شاهه جي گرفتاري جو فيصلو ٿيو هو، اهڙي صورتحال دوران ئي سينيٽ جي چيئرمين خلاف بي اعتمادي واري رٿ به اچي چڪي هئي ۽ پارٽي جي فيصلن جا  حتمي اختيار رکندڙ شخصيتن ڪجهه ”بااختيار ماڻهن“ سان رابطا ڪري ورتا ۽ انهن سان سينيٽ واري معامي تي دڳ ڪڍي ڏنو، اها وڏي مصيبت ٽاري وئي“.

ان سلسلي ۾ سنڌ سماءَچار کي ان اڳواڻ وٽان مليل ڄاڻ موجب سينيٽ ۾ عدم اعتماد واري تحريڪ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ”بااختيار ماڻهن“ سنڌ حڪومت ۽ وفاي حڪومت وچ ۾ انتظامي سطح جي تڪرار کي گهٽائڻ واري منصوبي جي به حمايت ڪري ڇڏي، جنهن سان گڏ سنڌ بئراج وارو منصوبو به پيش ڪيو ويو، جنهن تي سنڌ حڪومت وڏي خوشي سان راضپو ظاهر ڪري ورتو آهي، ان لاءِ امڪان اهو به آهي ته بحريا ٽائون ڪراچي جي زمينن واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تحت واري رقم مان سنڌ حڪومت وڏو حصو سڌو سئون سنڌ بئراج لاءِ مختص ڪري، جنهن جو مک ٺيڪو ڪنهن پرڏيهي ڪمپني کي ڏيڻ بدران وڏن ترقياتي منصوبن جا ٺيڪا کڻندڙ وفاقي سرڪار جي ماتحت آرگنائيزيشن حوالي ڪيو وڃي“. سندس چوڻ هو ته، ” ان جي مختلف ٻين ڪمن جا ٺيڪا گڏيل صلاح مشورن سان وڏي وزير مراد علي شاهه جي معرفت ڏنا ويندا، ان ۾ چيني ڪمپني ۽ مقامي ڪنسوريشيم يا الڳ الڳ به ٺيڪا ڏئي سگهجن ٿا، پر اهي سڀ مراد علي شاهه جي صلاح مشوري سان مشروط هوندا“.

ڇا وڏي وزير جي تبديلي جا امڪان ختم ٿين ويا آهن؟ واري سوال تي هن ٻڌايو ته، ” سنڌ حڪومت پيپلز پارٽي کان کسڻ واريون ڳالهيون صرف ڳالهيون ئي رهنديون، اهڙو عمل ڪجهه ماڻهن جي خواهش هئي، جيڪا خواهش ئي رهندي ۽ اُهي پنهنجن مخصوص ماڻهن معرفت اهڙا شوشا ڇڏيندا رهندا، ها باقي وڏي وزير جي مستقلي حتمي ناهي، اها وقت ۽ حالتن تي ڇڏيل آهي، في الحال مراد علي شاهه جا معاملا سڌا هلي رهيا آهن ۽ آصف زرداري به وڏي وزير مراد علي شاهه کي ڪجهه معاملن کانسواءِ ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي“ هن ٻڌايو ته، ”سهيل انور سيال کي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ به ان ڳالهه جي نشاندهي آهي ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت جا انتظامي معاملا گڏيل صلاح مشورن سان ئي هلايا پيا وڃن، سهيل انور سيال جو ڪابينا ۾ شامل هجڻ رڳو حڪومتي فيصلن ۽ رٿابندي ۾ ڪا به ڳالهه فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري کان ڳجهي نه رهي سگهي“.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *