Friday , April 19 2024

وفاقي ۽ سنڌ حڪومت سنڌ واٽر ڪميشن کي ”سرمو پارائڻ“ جي ڪوششن ۾ مصروف

Justice Iqbal

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي مهيا ڪرڻ ۽ گندي پاڻي جي نيڪالي لاءِ، سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي جوڙيل، واٽرڪميشن کي وفاقي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار گذريل ڪيترين ئي ٻڌڻين دوران ” سرمو پارائڻ “ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، واٽر ڪميشن، سنڌ جي چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري جمال مصطفيٰ سيد ۽ واٽر بورڊ جي ايم ڊي کي شوڪاز نوٽيس جوجواب داخل ڪرڻ جي هدايت.

سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي جڙيل، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج ۽ ڪميشن جي سربراهه جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڇا ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو چيئرمين مقرر نه ٿيڻ بعد اداري کي تالو هنيو ويو آهي، جو ڪميشن جي نوٽيسز تي ڪو به جواب داخل نه پيو ڪرايو وڃي. واٽر ڪميشن وفاقي توڙي صوبائي ادارن ۽ کاتن جي لاپرواهي واري رويي تي سخت ڪاوڙ ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان هڪ هفتي اندر اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ قائم هڪ رڪني واٽر ڪميشن جيئن ئي ڪارروائي شروع ڪئي ته سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل ضمير گهمرو سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪرائڻ تي سنڌ جي مڪاني ادارن، صنعتن ۽ صحت کاتن جي سيڪريٽرين، سنڌ جي ماحوليات جي تحفظ واري اداري جي سربراهه،  واسا، سائيٽ ۽ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي ايم ڊي پاران لکت ۾ جواب داخل ڪريو. سنڌ جي چيف سيڪريٽري رضوان ميمڻ، آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ۽  ٽاسڪ فورس جي سربراهه جمال مصطفيٰ سيد ۽ واٽر بورڊ جي ايم ڊي هاشم رضا زيدي پاران لکت ۾ جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي.

سنڌ جي مڪاني ادارن، صنعتن ۽ صحت کاتن جي سيڪريٽرين، سنڌ جي ماحوليات جي تحفظ واري اداري جي سربراهه،  واسا، سائيٽ ۽  سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي  ايم ڊي پاران داخل ڪيل جواب ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهي عدالت جو احترام ڪن ٿا ۽ عدالتي حڪمن تي ان جي روح مطابق عملدرآمد شروع ڪري ڏنو آهي. ان سلسلي ۾ ڄاڻايل کاتن ۽ ادارن مختلف رٿائون جوڙيون آهن جن ۾ گهٽ ۽ ڊگهي مدي واريون رٿائون شامل آهن، گهٽ مدي وارين رٿائن تي فوري طور عمل ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل بئريسٽر ضمير گهمرو چيو ته سنڌ سرڪار عوام آڏو جوابده آهي ۽ عوامي مفادن مان سپريم ڪورٽ پاران صاف پاڻي جي فراهمي توڙي گندي پاڻي جي نيڪال بابت حڪمن تي عملدرآمد شروع ڪري ڏنو آهي. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ فلٽر پلانٽ کي بحال ڪيو ويو آهي، ڪوٽڙي جو ٽريٽمينٽ پلانٽ به فعال بڻايو ويو آهي، ڪراچي ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ سيوريج جي گريٽر پراجيڪٽ ايس ٿري جو حصو آهي، جنهن لاءِ وفاقي سرڪار کي فنڊز فراهم ڪرڻا هئا، جنهن ۾ دير ٿيڻ سبب مسئلا پيدا ٿيا پر هاڻي اهي به حل ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته وفاقي سرڪار آر بي او ڊي رٿا لاءِ سنڌ سرڪار کي 14 ارب رپيا رکڻ لاءِ چيو هو پر سنڌ سرڪار ان رٿا لاءِ هن سال 14 ارب رپيا رکي ڇڏيا آهن، سنڌ حڪومت صاف پاڻي جي فراهمي توڙي گندي پاڻي جي نيڪال بابت 80 سيڪڙو حڪمن تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي کانسواءِ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ آبپاشي نظام ۾ گندي پاڻي جي ڇوڙ کي روڪڻ لاءِ سنڌ سرڪار ڪنسلٽنٽ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو گندي پاڻي جي آبپاشي نظام ۾ ڇوڙ کي روڪڻ بابت رپورٽ ڏيندو ۽ ان رپورٽ تحت رٿابندي ڪئي ويندي.

ڇا وفاقي حڪومت ڪي پي ٽي کا تالا هڻي ڇڏيا آهن؟؟ جسٽس اقبال ڪلهوڙو

سنڌ واٽر ڪميشن جي ڪارروائي دوران ڪميشن کي ڄاڻ ڏني وئي ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو 22 جون کان چيئرمين مقرر ٿيل ناهي ۽ نه ئي ان جي چارج ڪنهن ٻئي آفيسر حوالي ٿيل آهي، جنهن تي ڪميشن جي سربراهه رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا ڪي پي ٽي کي تالا هنيا ويا آهن؟ ان موقعي تي ڪميشن جي سربراهه جسٽس اقبال ڪلهوڙو، ايڊيشنل اٽارني جنرل پاڪستان کي ڪي پي ٽي جي سربراهه جي مقرري بابت وفاقي سرڪار سان ڳالهائڻ جي هدايت ڪئي.

سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ گندي پاڻي جي ٽريمينٽ پلانٽ لاءِ زمين ناهي: ڪي پي ٽي جو وڪيل

KPT

واٽر ڪميشن آڏو موقف پيش ڪندي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي وڪيل چيو ته ڪي پي ٽي لياري ۽ ٻين ندين ۽ نالن ذريعي گندي پاڻي جي سمنڊ ۾ ڇوڙ کي روڪڻ ۽ پاڻي کي صاف ڪرڻ لاءِ ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ لاءِ تياري مڪمل ڪري ورتي آهي پر ان لاءِ زمين ناهي. جنهن تي سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ڄاڻايل ٽريٽمينٽ پلانٽ لاءِ زمين ڏيڻ جا معاملا آخري مرحلي ۾ آهن، جنهن تي ڪميشن ڪي پي ٽي کي ٽريٽمينٽ پلانٽ بابت هڪ هفتي ۾ تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

ان موقعي تي رٿابندي واري وزارت جي وفاقي سيڪريٽري شعيب صديقي ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل پيش ٿي ٻڌايو ته آر بي او ڊي توڙي ڪراچي ۾ گندي پاڻي جي نيڪال واري ايس ٿري ۽ پيئڻ واري صاف پاڻي جي فراهمي واري ڪي فور رٿائن لاءِ فنڊز جو انتظام ڪيو ويو آهي. وفاقي سيڪريٽري شعيب صديقي چيو ته اسان تي يقين ڪريو، ڪم ڪري ڏيکارينداسين. فوري طور تاريخ نه ٿا ڏئي سگهون ڇاڪاڻ ته قانون مطابق ٽي ارب رپين کان وڌيڪ ماليت وارين رٿائن جي حتمي منظوري ايڪنڪ ڏئي سگهي ٿي ۽ ايڪنڪ جو اجلاس ترت گهرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي.

سنڌ واسي گندو پاڻي پيئندا رهندا ۽ مرندا رهندا؟؟ شهاب اوستو

Shahab-Usto-Credit-tsj.com_.pk_

ڪميشن آڏو موقف پيش ڪندي درخواستگذار شهاب اوستو وفاقي ۽ صوبائي حڪومت پاران صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد بابت يقين ڏيارڻ ناڪافي عمل آهي، فنڊز جاري ٿيندي 6 مهينا لڳي ويندا، ان وقت تائين ماڻهو گندو پاڻي پي مرندا ۽ بيمار ٿيندا رهندا، هن چيو ته ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ هيپاٽائٽس ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي رهيون آهن، جنهن جو بنيادي سبب پيئڻ لاءِ خراب پاڻي جي فراهمي آهي، هن چيو ته هتي انساني حياتين سان کيڏيو پيو وڃي. شهرين کي صاف پاڻي جي فراهمي حڪومت جي ترجيع ۾ ئي شامل ناهي. شحاب اوستو چيو ته ڇا جنگي حالتن ۾ قانون تي عمل ڪيو ويندو آهي؟ عوام جي زندگي بچائڻ لاءِ فوري نوعيت جي قدمن جي ضرورت آهي، ان موقعي تي ايڊووڪيٽ جنرل بئريسٽر ضمير گهمرو چيو ته هي چئن مهينن جو ڪم ناهي، 70 سالن جا ڪم ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت لڳندو، ماضي جي حڪومتن ۾ صاف پاڻي جي فراهمي توڙي گندي پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪي قدم نه کنيا، موجوده حڪومت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد ڪري رهي آهي پر اها عوام آڏو به جوابده آهي، عوام جي صحت سرڪار جي اولين ترجيع آهي، ان موقعي تي ڪراچي جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر ڪئپٽن فهيم الزمان پيش ٿي چيو ته ڪراچي ۾ هائڊرنٽس ٺاهڻ جو بنيادي مقصد ڪراچي جي ٻهراڙين ۽ ڪچين آبادين ۾ پاڻي جي فراهمي هو پر هاڻي هائڊرنٽس ذريعي رٿابندي تحت جوڙيل ڊفينس جهڙن علائقن کي به هائڊرنٽس ذريعي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، جيڪو مڪمل طور غير قانوني آهي، ليز آبادين کي لائين ذريعي پاڻي فراهم ٿيڻ گهرجي، جنهن بعد ڪميشن وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ صاف پاڻي جي فراهمي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد رپورٽ ايندڙ ڇنڇر تائين پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

 

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *