Friday , April 19 2024

وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي حڪمن جي خلاف ورزي، تلهار ۽ ڀرپاسي ۾ ٿرديپ ۽ ٻين سماجي تنظيمن قرض اوڳاڙڻ بد نه ڪيو

 تلهار واسين ٿرديپ خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

تلهار(رپورٽ: منور لاشاري   سنڌسماءَچار) ڪرونا وائرس جي صورتحال ۽ لاڪ ڊائون سبب وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران قرضن جون قسطون ري-شيڊيول ۽ ملتوي ڪرڻ واري فيصلي تي مختلف سماجي تنظيمن عمل نه ڪيو، قرضن جون قسطون اوڳاڙڻ لاءِ ماڻهن کي پريشان ڪرڻ لڳيون، متاثرن جو چوڻ آهي ته لاڪ ڊائون سبب بيروزگار ويٺل آحيون سماجي تنظيم هينڊز قسطون اوڳاڙڻ لاءِ تنگ ڪري رهيون آهن، سندن نمائندا به قسطون نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڌمڪيون ڏيندا رهن ٿا. تلهار جي يونين ڪائونسل سعيدپور، مير صاحب خان ٽالپر، ڳوٺ ڪوڙو خان لاشاري پيروز پور، ڳوٺ نواب خان ۽ نظر علي کوسو سميت مختلف ڳوٺن ۾ مائڪرو فائنانس بئنڪ عملي وفاقي حڪومت، اسٽيٽ بئنڪ ۽ سنڌ حڪومت جي حڪمن جي خلاف وزي ڪندي ڪرونا وائرس سبب لاڪ ڊائون دوران سمورن ڪمرشل توڙي مائڪرو فنانس جي قرضن جون قسطون ايندڙ حڪن تائين نه اوڳاڙڻ وارن حڪمن جي کلئي عام خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي، تلهار ۽ ڀرپاسي ۾ سماجي تنظيم ٿرديپ ۽ ٻين تنظيمن پاران قرض اوڳاڙڻڻ لاءِ مهم جيئن جو تيئن جاري رکي آهي.

متاثر ماڻهن عارب کوسو، پيرولاشاري الله بخش، دلاور حسين قمبر لاشاري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شھرن ۾ جتي لاڪ ڊائون سبب روزگار جا مڪمل طور تي ذريعا بند آھن اسانکي ڪٿان راشن به ناھي مليو آسرو شھرن ۾ مزدوري جو ھو سو به مسلسل بند آھي اسان بيمارين ۽ مختلف پريشانين سميت فاقا ڪاٽڻ تي مجبور آھيون. متاثرن پريس ڪلب آڏو دانهيندي چيو آهي ته، اسان لاڪ ڊئون سبب بيروزگاري سبب جتي بک بدحالي جو شڪار آهيون، حڪومت پاران اعلانيل امداد ۽ راشن به ناهي مليو. هنن چيو ته ٿرديپ ديپ ۽ ٻيون سماجي تنظيمون حڪومتي حڪن جي خلاف ورزي ڪندي قرض جون قسطون اوڳاڙڻ لاءِ پريشان ڪري رهيون آهن، ۽ پنهنجي ملازمن توڙي بااثر ماڻهن ذريعي ڌمڪيون به ڏئي رهيون آهن ته ڪنهن   به صورت ۾ قسط ادا ڪيو. هنن مطالبلبو ڪيو آهي ته سندن قيرض معاف ڪيو وڃي يا وري گهٽ ۾ گهٽ حڪومتي فيصلن تي عمل ڪيو وڃي. متاثر سنڌ جي وڏي وزير  توڙي وفاقي حڪومت جي لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته سندن مسئلو حل ڪري پريشانين کان بچائي لاڳاپيل تنظيمن خلاف ڪاررووائي ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *