Friday , March 29 2024

وفاقي ڪابينا پاڪستان جي نئين سياسي نقشي جي منظوري ڏئي ڇڏي

پاڪستان جي نئين سياسي نقشي ۾ سامونڊي سرحد سرڪريڪ کي به پاڪستان جي حدن ۾ شامل ڪيو ويو آهي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) وفاقي  ڪابينا پاڪستان جي سياسي نقشي جي منظوري ڏيندي نئون نقشو جاري ڪري ڇڏيو، نئين نقشي ۾ والاريل ڪشمير کي پاڪستان جو حصو ڏيکاريو ويو آهي،  نقشي ۾ سنڌ جي سامونڊي سرحد سان ملندڙ سرڪريڪ کي  به پاڪستان جي حدن ۾ ڏيکاريو ويو آهي، نئون نقشو جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته، اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آهي، پاڪستان جو نئون سياسي نقشو دنيا آڏو پيش ڪري رهيا آهيون، جيڪو پاڪستاني قوم جِي ترجماني ڪري ٿو، ڪشمير جو حل گڏيل قومن جَي ٺهرائن ۾ آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران پاڪستان جي نئين نقشي کي پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ والاريل ڪشمير کي پاڪستان جو حصو ڏيکاريو ويو، جنهن جي وزيراعظم عمران خان منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن بعد نقشو پڌرو ڪرڻ جي تقريب ٿي. تقريب دوران ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ته اڄ کانپوءِ هِي نقشو سڄي ملڪ ۾ استعمال ٿيندو، سياچِن ڪالهه به اسانجو هو، اڄ به اسان جو آهي، نقشي بابت ڪشميري قيادت کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي، جِي پاڪستان جَي موقف جِي حمايت ڪئي، ڀارت کي واضح پيغام آهي ته پاڪستان ظلم خلاف جدوجهد ڪندڙ ڪشميرين سان سدائين گڏ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *