Friday , March 29 2024

وفاقي ڪابينا پاران فاٽا کي ملڪي عملداري هيٺ آڻي ايف سي آر قانون ختم ڪرڻ جي منظوري

fata1

وفاقي ڪابينا فاٽا کي خيبر پختونخواهه جو حصو بڻائڻ ۽ تڪراري قانون ايف سي آر جي خاتمي جي منظوري ڏئي ڇڏي  آهي، جنهن بعد ملڪ جو حصو هئڻ باوجود ملڪي قانون جي عملداري کان آجو رهندڙ علائقو ملڪي قانون جي ماتحت ٿي ويو آهي، سرتاج عزيز چيو آهي ته، 5 سالن ۾ فاٽا جي عوام کي ملڪ جي ٻين صوبن جي برابر بڻائڻ وارو منصوبو جوڙيو ويو آهي.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس، فاٽا کي ڪي پي ڪي جو حصو بڻائڻ ۽ تڪراري قانون ايف سي آر جي خاتمي واري معاملي تي غور ڪيو ويو، جنهن بعد وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز، عبدالقادر بلوچ ۽ زاهد حامد اجلاس بابت بريفنگ ڏني.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سرتاج عزيز چيو ته فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سرتاج عزيز چيو ته وفاقي ڪابينا فاٽا ۾ لاڳو ٿيل تڪراري قانون ايف سي آر ختم ڪيو ويو آهي، فاٽا جي عوام کي ايندڙ 5 سالن دوران ملڪ جي ٻين صوبن جي برابر بڻائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي.

هن چيو ته تڪراري رهندڙ قانون ايف سي آر کي ختم ڪري فاٽا ۾ ملڪي قانون جي عملداري قائم ڪئي ويندي، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس جا اختيار به فاٽا تائين وڌايا ويندا.

وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلن بابت ٻڌايو ته، پهرئين مرحلي ۾ هلندڙ سال دوران فاٽا جي ڊي ڊي پيز جي بحالي يقيني بڻائي ويندي، 2018 جي عام چونڊن ۾ فاٽا مان ڪي پي ڪي اسيمبلي لاءِ نمائنده چونڊيا ويندا.

هن چيو ته 2018 جي عام چونڊن کانپوءِ ڪي پي ڪي وارن سمورن علائقن ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون به ڪرايون وينديون، اين ايف سي ۾ فاٽا جي ترقياتي منصوبن لاءِ 3 سيڪڙو فنڊز سان گڏ خصوصي ترقياتي فنڊز به رکيا ويندا.

سرتاج عزيز جو چوڻ هو ته فاٽا ۾ بئنڪس جي برانچز جي قيام سان گڏ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ بيت المال ۾ حصو وڌايو ويندو، امن امان جي قيام لاءِ ليويز فورس کي وڌيڪ سگهارو بڻايو ويندو.

هن ٻڌايو ته فاٽا جي ترقي ۽ سڌارن واري منصوبي تي عمل جي نگراني لاءِ گورنر جي اڳواڻي ۾ 10 سالن لاءِ هڪ ايڊوائزري ڪميٽي ڪم ڪندي، جنهن ۾ فاٽا جا چونڊيل نمائنده شامل هوندا.

fata3

واضع رهي ته وفاقي جي سرڪار جي ماتحت رهندڙ قبائلي علائقن ۾ 6 سرحدي علائقا ۽ ضلعن جهڙي حيثيت رکندڙ 7 ايجنسيز باجوڙ، مهمند، اورڪزئي، ڪُرَم، اتر وزيرستان، ڏکڻ وزيرستان ۽ خيبر ايجنسي،  شامل آهن، جن جون سرحدون افغان صوبن ڪنڙ، ننگرهار،پڪتيا، پڪتيڪا ۽ خوست سان لڳنديون آهن،  انهن علائقن ۾ افغانستان کان ماڻهن جي اچ وڃ روڪڻ ۾ ملڪي سرڪار جي ڪردار محدود هئڻ ڪري اڪثر مسئلا پيدا ٿيندا رهيا ۽ ڊرون حملن جو نشانو به اهي ئي علائقا بڻجندا رهيا.

هن علائقن ۾ انگريز دور جي مدي خارج ايف سي آر تحت قبائلي سردارن جو قانون هلندڙ هو، امن امان جو قيام ۽ سرحدن جي نگراني به قبائلين جي حوالي هئي.

علائقي جي عوام کي ڪنهن به صوبائي اسيمبلي ۾ نمائندگي نه هئي پر رڳو سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي لاءِ ميمبرز مخصوص طريقي سان چونڊيا ويندا هئا، هتان جي شاگردن لاءِ نه تعليمي ادارن ۾ ڪوٽا هئي، نه علائقي ۾ ڪا بئنڪ برانچ هئي، نه ئي ڪي سرڪاري ادارا ڪم ڪري رهيا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *