Friday , March 29 2024

وفاقي ڪابينا صحافين جي تحفظ بابت بل جي مسودي جي منظوري روڪي ڇڏي

وفاقي ڪابينا صحافين جي تحفظ بابت بل جي منظوري روڪي ڇڏي

اسلام آباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت انساني حقن واري وزارت پاران صحافين جي تحفظ لاءِ تيار ڪيل بل جي مسودي جي منظوري روڪي ڇڏي آهي، وزيراعظم عمرا ن خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي تحفظ لاءِ بل لاءِ تيار ڪريل بل جو مسودو پيش ڪيو ويو، سنڌسماءَچار جي ذريعن موجب، اجلاس ۾ وفاقيي گهرو وزارت ۽ ان سان لاڳاپيل اختيارين بل جي تيار ڪيل مسودي جي مخالفت ڪئي، جنهن بعد وزيراعظم عمران خان ان تي ڪابينا جي ٻين ميمبرز ۽ قانون واري وزارت جي اختيارين کي به وڌيڪ بحث کان روڪي ڇڏيو، وزيراعظم جي هدايت تي مسودي جي منظوري ڏيڻ کان روڪيو ويو آهي.

انساني حقن جي تحفظ واري وفاقي وزارت پاران صحافين جي تحفظ لاءِ تيار ڪيل بل جي مسودي ۾ چيو ويو آهي ته، بل جو مقصد “ مطابق، صحافين ، ميڊيا پروفيشنلز، ميڊيا ورڪرز جي اظهار جي آزادي، تحفظ، آزادي ۽ غير جانبداري کي هٿي ڏيارڻ کي بهتر نموني يقيني بڻائڻ آهي”. ذريعن جو چوڻ آهي ته بل  لاءِ تيار ڪيل مسودي کي گهرو وزارت کي اماڻي ان تي نظرٿاني جي هدايت ڪئي وئي آهي، گهرو وزارت کي اهو به اختيار آهي ته مسودي کي پنهنجي(گهرووزارت) جي ماتحت ادارن کي به موڪلي سگهي ٿي ۽ ان بل تي انهن کان راءِ، ترمميم ۽ نوان نقطا شامل ڪرڻ ۽ ان سان لاڳاپيل ادارن کان راءِ وٺي مسودو واپس لاڳاپييل اختيارين ڏانهن اماڻيون وڃي.

گاج ڊيم لاءِ مليل 6 ارب رپيا ڪرپشن جي ور چڙهي ويا:سنڌ حڪومت جو اعتراف

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *