Saturday , April 20 2024

وفاقي حڪومت21 رمضان  يوم علي جي جلوسن تي پابندي هڻي ڇڏي

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت ڪرونا وائرس جي تيزي سان پکڙجڻ سبب شهادت يوم علي رضه جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هرقسم جي جلوسن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پابندي تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرو سينٽر / اين سي او سي جو هنگامي اجلاس ٿيو ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزير اسد عمر، صحت واري وهرو وزير شيخ رشيد، مذهبي معاملن واري وزير نور الحق قادري ۽ صحت بابت وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان سميت لاڳاپيل اختيارين جي عملدارن به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ دوران ملڪ ۾ ڪرونا جي وڌندڙ وبا ۽ تيزي سان ڪرونا جي مريضن ۾ واڌ واري صورتحال تي غور ڪيو ويو، اجلاس دوران يوم علي رضه جي شهادت واري ڏپينهن 21هين رمضان تي ماتمي جلوس ڪڍڻ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو ولزير شيخ رشيد چيو ته ڪرونا جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿيندي پئي وڃي، جنهن سبب گهٽ کان گهٽ سرگرمين ۽ اڳ ئي لاڳو عوامي ميڙن تي پابندي تحت يوم علي جي موقعجي تي سڄي ملڪ ۾ ماتمي جلوسن تي پابندي لڳائي وئي آهي، ان ڏينهن مجلسون ٿي سگهن ٿيون پر انهن ۾ به تراويح نماز وارين لاڳو ڪيل پابندين تي عمل ڪرڻُ پوندو، ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ سخت قدم کڻڻا پوندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *