Tuesday , March 19 2024

وفاقي حڪومت پنجاب ۾ اليڪشن 14 مئي تي نه ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

فيصل آباد ( سنڌسماءَچار نيوز) وفاقي حڪومت پنجاب ۾ اليڪشن 14 مئي تي نه ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، گهور وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته تحريڪ انصاف وارا ڀلي ڪيترو به زور لڳائين پر اليڪشن 14 مئي تي نه ٿيندي، آڪٽوبر به پري نه آهي، سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن ۽ هلندڙ سال ئي چونڊون ٿينديون. فيصل آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته هڪ فتني کي سازش تحت ملڪ تي مڙهيو ويو، ن ليگ کي ناڪام ڪرڻ لاءِ 2018ع ۾ تڪ تبديل ڪيا ويا،  عمران خان آءِ ايم ايف وٽ ويو ۽ سخت شرط مڃيا، جنهن سبب ملڪ بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، عمران خان چوندو هوته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کان پهريان آپگهات ڪندو، نون ليگ جي دور ۾ اٽو 35 رپيا ڪلو ۽ پيٽرول 68 رپيا ليٽر هو، نون ليگ نواز شريف جي قيادت ۾ دهشتگردي ۽ لوڊشيڊنگ جهڙن عذابن جو خاتمو آندو. هن چيو ته جيڪڏهن مئي ۾ چونڊون نه ٿيون ته آڪٽوبر گهڻو پري ناهي، چونڊون مئي يا آڪٽوبر ۾ ٿين، مهم جاري رکي وڃي.فتني خان کي هڪ سازش تحت ملڪ تي مڙهيو ويو، جنهن ۾ هڪ طاقتور ٽولي هن جو ساٿ ڏنو. فتني جي غلط پاليسين سبب ملڪ بحرانن جو شڪار آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ خراب معاشي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اسان پنهنجي سياست داءَ تي لڳائي ملڪ کي بچايو. رانا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته عمران خان چوندو هو ته خودڪشي ڪندو پر آءِ ايم ايف وٽ نه ويندو، جيڪڏهن سي پيڪ مڪمل ٿئي ها ته پاڪستان کي هڪ – هڪ ارب لاءِ ٻين ملڪن جا پير نه پڪڙڻا پوندا ها. ن ليگ جي دور ۾ دهشتگردي ۽ لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿيو، جڏهن به ملڪ ۾ بحران آيو ته نواز شريف ان مان ٻاهر ڪڍيو.هن چيو ته سندس چوڻ هو ته هن ٽولي وٽ پروپيگنڊا کانسواءِ ڪجهه به ناهي، گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو ته اسٽيبلشمينٽ سندس مدد ڪري غلطي ڪئي، هاڻي اها پنهنجي غلطي کي سڌارڻ چاهي ٿي، اليڪشن ويجهو ايندي ئي نواز شريف پاڪستان واپس ايندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *