Friday , March 29 2024

وفاقي حڪومت لاڪ ڊائون 9 مئي تائين وڌائي ڇڏيو

ڪرونا جي صپرتحال ۾ مئي مهينو اهم آهي، صورتحال بهتر ٿي ته عيد بهتر نموني ملهائي سگهبي: وفاقي وزير اسد عمر

اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت ڪرونا صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ لاڪ ڊائون 9 مئي تائين وڌائيند ڇڏيو آهي، وفاقي وزير  اسد عمر چيو آهي ته لاڪ ڊائون تي صوبئي حڪومت سان گڏجي پهرين رمضان کان عمل ڪيو ويندو، عوام کي گهرجي ته وڌ ۾ وڌ احتياط ڪن، جيڪڏهن صورتحال بهتر نه ٿي ته لاڪ ڊائون عيد تائين وڌائي سگهجي ٿو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته، اين سي او سي جي اجلاس دوران وزيراعظ۾ عمران خان سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جي مدي ۾ ٻن هفتن جي واڌ ڪندي ان کي 9 مئي تائين جاري رکڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته ڇنڇر کان رمضان المبارڪ شروع ٿي رهيو  آهي، ان حوالي سان به وزيراعظ۾ هدايتون ڏينو آهن جن تحت روزا رکڻ ۽ کولڻ جي وقتن تي بجلي جي لوڊ شيڊنگ نه ڪئي ويندي. اسد عمر چيو ته، اجلاس ۾ واڳيل اختيارين بريفنگ ڏني ته ڪرونا جي صورتحال جو ڪو به پتو ناهي ته اها ڪيترو عرصو هلندي. هن چيو ته لاڪ ڊائون جو مدو 15 ڏينهن وڌايو ويو آهي، ان تي صوبن سان گڏجي عمل ڪيو ڪرايو ويندو، پر صوبائي حڪومتون حالتن مطابق به لاڪ ڊائون جي طريقيڪار جوڙي سگهن ٿيون، اسان جو مقصد وائرس کي وڌيڪ ڦهلجڻ کان روڪڻ ۽ عوام کي ب چائڻ آهي، عجوام کي به گهرجي ته احتياطي صلاحن تي عمل ڪري. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته وائرس جي حوالي سان مئي مهينو انتهائي اهم آهي، جيڪڏهن صورتحال ب هتر ٿي ته عيدالفطر بهتر نموني سان ملهائي سگهبي، جيڪڏهن صورتحال ۾ بهتري نه آئي ته لاڪ ڊائون عيد تائين به وڌي سگهي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *