Thursday , March 28 2024

وفاقي حڪومت سنڌ سرڪار جو لاڪ ڊائون وارو فيصلو قبولي ورتو، اڄ کان31آگسٽ تائين پابنديون سخت

اسلام آباد ( خاص نمائندو     سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت ڪرونا ڪيسن جي وڌيڪ پکڙجڻ واري فيصلي کي قبول ڪندي اڄ 3 آگسٽ کان نيون پابنديون لڳائي ڇڏيون، وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون سنڌ ۾ لڳايل لاڪ ڊائون جون پابنديون 8 آگسٽ تائين آهي، جيڪڏهن سنڌ حڪومت ان کي وڌائي ٿي ته اُهو ان جو فيصلو هوندو، جيڪڏهن نه ته پوءِ سنڌ ۾ به وفاقي حڪومت پاران 3 آگسٽ ( اڄ اڱاري) کان 31 آگسٽ تائين  لڳايل پابنديون سنڌ ۾ 9 آگسٽ کان لاڳو ڪيون وينديون.

اين سي او سي سربراهه ۽ رٿابندي واري وفاقي وزير اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ڪرونا جي ڪيسن ۾ ٻيهر تيزي اچي وئي آهي، نوان ڪيس تيزي سان وڌڻ جي نتيجي ۾ سموري ملڪ اندر خاص طور تي ڪراچي، حيدرآباد، فيصل آباد، لاهور، اسلام آباد، پشاور سميت اڪثر وڏن شهرن ۾ اسپتالن ۾ مرفيضن داخل ڪرڻ جي گنجائش به گهٽجي وئي آهي. اسد عمر چيو ته وزيراعظ۾ عمران خان سان ڪيل گڏجاڻي ۾ صلاح مشورن ۽ وزيراعظم جي هدايتن کانپوءِ فيصلو ڪيو آهي ته، ٽَي آگسٽ اڱاري کان ڪرونا جي وبا کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪٿام لاءِ وفاقي حڪومت پابندي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اڄ کان سڄي ملڪ ۾ بازارون صبح جو ڇهين وڳين کان رات جو اٺين وڳي تائين کليل رهنديون. اسد عمر چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي فيصلو ڪيو آهي ته هفتي ۾ ٻه ڏينهن موڪلون ڪيون وينديون، نجي توڙي سرڪاري آفيسن ۾ هفتي ۾ ٻه ڏينهن بند رهنديون، موڪلون ڪهڙن ٻن ڏينهن تي ڪرڻيون آهن انهن جو فيصلو صوبائي حڪومتون پاڻ ڪنديون. هن چيو ته، اسد عمر چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ گنجائش 50 سيڪڙو هوندي، نين لاڳو ڪيل پابندين تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو ويندو.

سنڌ جي شعور جي فتح، ٻيٽن تي نوان شھر نه ٺهندا

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *