Thursday , April 25 2024

12کرب رپين جي ڪرونا پيڪيج ۾ بيضابطگين جو انڪشاف،ڊاڪٽر حفيظ شيخ ڇا ڪيو؟

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) وفاقي سرڪار جي 12 کرب رپين واري ڪرونا رليف پيڪيج ۾ وڏي پئماني تي بيضابطگين جو ان ڪشاف ٿيو آهي، ذريعن جي دعويٰ آهي ته آڊٽ رپورٽ جاري ڪرڻ کان روڪڻ  تي ڊاڪٽر حفيظ شيخ جا وزيراعظم سان اختلاف ٿيا، جنهن تي کيس وزارت تان هٽايو ويو. مختلف عالمي مالياتي ادارن، مختلف ملڪن ۽ فلاحي امدادي ادارن پاران ڪرونا جي وبا دوران لاڪ ڊائون جي نتيجي ۾ متاثر ٿيندڙ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ مليل فنڊز جي آڊٽ ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ گهوٻين جي شڪ سبب آءِ ايم ايف وفاقي سرڪار کي رليف فنڊز جي آڊٽ ڪرائڻ جو چيو هو. آءِ ايم ايف جي هدايتن کانپوءِ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان جاويد جهانگير پنهنجي نگراني هيٺ ڪرونا رليف فنڊز جي 12 کرب رپين واري رقم جي ورهاست جي آڊٽ ڪرائي. ناڻي واري وزارت آڊيٽر جنرل آف پاڪستان کي تيار ڪرايل رپورٽ پڌري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

آڊيٽر جنرل آف پاڪستان سنڌ جي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ڪرونا رليف فنڊ جي رپورٽ مارچ مهيني جي پهرين هفتي دوران ئي تيار ٿي وئي هئي، جيڪا آڊيٽر جنرل رپورٽ جي هڪ ڪاپي تڏهوڪي ناڻي واري وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي حوالي به ڪئي هئي. ذريعن جي دعويٰ موجب ڊاڪٽر حفيظ شيخ ڪابينا جي هڪ اجلاس دوران آڊيٽر جنرل جي رپورٽ تي ڳالهائڻ چاهيو ته شيخ رشيد سميت ڪجهه وزيرن کيس رپورٽ تي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائڻ کان اڳ ان سلسلي ۾ وزيراعظم سان ڌار ميٽنگ ڪري، جنهن تي حفيظ شيخ ناراضگي جو اظهار ڪيو هو.

سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق حفيظ شيخ ڪرونا رليف فنڊ ۾ وڏي پئماني تي ٿيل بيضابطگين واري رپورٽ پڌري ڪري ذ۾ يوارن خلاف تڪڙي ۽ سخت ڪارروائي جي ڳالهه ڪئي، جنهن تي ساڻس وزيراعظم سخت ناراض ٿيو هو، ان بعد ئي حفيظ شيخ ڪجهه ڏينهن ڪم ڪار ڇڏي ڏنو، نيٺ کيس ڪابينا کان ڌار ٿيڻو پيو، ذريعن موجب حفيظ شيخ کان وزارت واپس نه ورتي وئي هئي پر هن پاڻ ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ اها رپورٽ ئي وفاقي ڪابينا مان سندس نيڪالي جو ڪارڻ بڻي هئي.

ٽي وي چئنلز تي ” سنڌ ۽ ڪراچي “ چوڻ تي پابندي لاڳو،ڪارروائي ٿي سگهندي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *