Friday , April 19 2024

وفاقي حڪومت جو سنڌ ۾ لاڪ ڊائون ختم يا گهڻيون رعايتون ڏيڻ لاءِ دٻاءُ

سنڌ حڪومت پاران وڌيڪ صنعتن کي پراڻين ايس او پيز ۾ ٿوري گهڻي ڦيرڦار سان کولڻ جي اجازت ڏيندي

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت پاران سنڌ حڪومت تي ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ يا وري تمام گهڻيون  رعايتون ڏئي لاڪ ڊائون وڌيڪ نرم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌي ويو آهي، ذريعن دعويٰ  ڪئي آهي ته لاڪ ڊائون کي وڌيڪ نرم ڪري ڪجهه مارڪيٽس، صنعتون ۽ واپار جا مختلف شعبا کولڻ جي اجازت ڏني ويندي. ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ملڪ اندر سڀ کان پهريان تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ ۽ بعد ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻ واري سنڌ حڪومت جي فيصلي تٿي وڏي پئماني تي نظرثاني ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچاي کي مليل ڄاڻ مطابق وفاقي حڪومت ۽ بااثر ڌرين پاران سنڌ حڪومت تي دٻاءُ وڌو ويو آهي ته لاڪ ڊائون ختم ڪيو وڃي يا وري ٻي صورت ۾ ان ۾ وڏي پئماني تي نرميون ڪيون وڃن، ذريعن جي دعويٰ آهي ته گذريل آچر واري ڏينهن کان هڪ صوبائي وزير جي ذريعي وفاقي حڪومت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه تائين پيغام پهچايا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جو وڏو وزير وفاقي حڪومت سان ٽڪراءَ اچڻ نه ٿو چاهي ۽ اهڙيون هدايتون اپريل جي پهرين هفتي دوران بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻو صدر آصف زرداري به کيس ڏئي چڪا آهن. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته وڏي وزير لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي، جنهن مطابق ڪجهه شعبن سان لاڳاپيل وڌيڪ صنعتون ۽ دڪان کولڻ جي اجازت ڏني ويندي، لاڪ ڊائون دوران کوليل صنعتن وارين ايس او پيز ۾ ٿوري گهڻي ڦيرڦار ڪئي ويندي، اهو ب ه ممڪن آهي ته وڏو وزير ان نرمي لاءِ ڪجهه ڏينهن جي مهلت گهري ۽ اها سومر يا اڱاري تائين ٿي سگهي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *