Friday , March 29 2024

وفاقي بجيٽ 18-2017: متوقع مجموعي ترقياتي پروگرام جي مد ۾ 2113 ارب رپيا رکڻ جي تجويز، سنڌ ۽ ڪي پي ڪي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ برقرار

budget 2017-18....01

نئين مالي سال 18-2017ع لاءِ مجموعي ترقياتي پروگرام جي مد ۾ 2113 ارب  رپيا مختص، وفاقي پي ايس ڊي پي جو حجم 1001 ارب ۽ صوبائي ترقياتي پروگرام لاءِ 1112 ارب منظور، سي پيڪ منصوبن جي تڪميل اوليت ۾ شامل ڪري انفرااسٽرڪچر شعبي لاءِ 325 ارب رکيا ويا، ڪي پي ڪي حڪومت پاران وفاق تي ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪرڻ جو الزام هنيو آهي، سنڌ به ناخوش، رٿابندي سيڪريٽري صوبائي نمائندن سان ويھي مامرا حل ڪرڻ تي راضپو ظاهر، رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت ۾ سالياني پلان ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي (اي پي سي سي) اجلاس ۾ نئين مالي سال لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ترقياتي پروگرامن لاءِ مجموعي طور 2113 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آھي، جيڪا رقم ھلندڙ مالي سال جي ترقياتي پروگرام کان 363 ارب رپيا وڌيڪ آھي.

اي پي سي سي جي دستاويزن مطابق ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي پي ايس ڊي پي لاءِ ھلندڙ مالي سال جي 833 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 168 ارب رپيا وڌيڪ 1001 ارب، جڏھن ته چئني صوبن جي سالياني ترقياتي پلان (اي ڊي پي) لاءِ ھلندڙ مالي سال جي نظرثاني شده رقم 917 ارب رپين کان 195 ارب رپيا وڌيڪ 1112 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آھن، دستاويزن مطابق ناڻي وزارت ايندڙ مالي سال لاءِ وزارتن ۽ کاتن 700 ارب رپيا حد مقرر ڪئي آھي، جيڪا رقم ناڪافي ھئڻ تي رٿابندي ۽ ترقي واري وزارت ناڻي وزارت سان رابطو ڪري ترقياتي بجيٽ لاءِ گھٽ ۾ گھٽ 1150 ارب مختص ڪرڻ لاءِ چيو، جنھن تي ناڻي وزارت ترقياتي بجيٽ لاءِ رقم وڌائي 1001 ارب رپيا ڪئي آھي، نئين مالي سال جي وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ سي پيڪ ۽ توانائي منصوبن کي اوليت ڏني وئي آھي، جڏھن ته نون منصوبن لاءِ 20 کان 25 سيڪڙو فنڊ مختص ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي.

 اي پي سي سي جي موجود دستاويزن 1001 ارب رپين جي وفاقي ترقياتي پروگرام مان وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ 288 ارب، ڪارپوريشنن (اين ايڇ اي،واپڊا ۽ پاور) شعبي لاءِ 384 ارب، خصوصي علائقن لاءِ 65 ارب، ايس ڊي جيز ڪميونٽي ترقي پروگرام لاءِ 45 ارب، وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 50 ارب، سي پيڪ منصوبن جي تڪميل لاءِ خصوصي طور 25 ارب جڏھن ايرا لاءِ 7 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آھن، ترقياتي پروگرام ۾ آءِ ڊي پيز لاءِ 90 ارب، وزيراعظم پروگرام لاءِ 20 ارب، جڏھن ته گئس انفرااسٽرڪچر ترقياتي سيس جي مد ۾ 25 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آھن. دستاويزن مطابق وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ وزارتن لاءِ مختص 334 ارب 85 ڪروڙ 55 لک رپين مان رٿابندي ۽ ترقي وزارت لاءِ 18 ارب، پورٽس ۽ شپنگ لاءِ 8 ارب 7 ڪروڙ 55 لک، ريلوي لاءِ 42 ارب، روينيو ڊويزن لاءِ 65 ڪروڙ 51 لک، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ريسرچ ڊويزن لاءِ 2 ارب 35 ڪروڙ 83 لک، رياست ۽ سرحدي ڊويزن لاءِ 26 ارب 41 ڪروڙ، شماريات ڊويزن لاءِ 20 ڪروڙ، سپارڪو لاءِ 2 ارب 56 ڪروڙ، ٽيڪسٽائيل ڊويزن لاءِ 13 ڪروڙ، پاڻي شعبي لاءِ 36 ارب 22 ڪروڙ 90 لک رپيا مختص ڪيا ويا آھن.

وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ ڪارپوريشنن مان اين ايڇ اي لاءِ 233 ارب 56 ڪروڙ 61 لک، جڏھن ته واپڊا جي پاور شعبي لاءِ 5 ارب ھڪ ڪروڙ 30 لک رپيا مختص ڪيا ويا آھن.وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ پاڻي ذخيري جي حوالي سان اھم منصوبي ڀاشا ڊيم لاءِ 21 ارب رپيا مختص ڪيا ويا، جنھن مان وفاقي حڪومت فقط ھڪ ارب رپيا فراھم ڪندي، جڏھن ته باقي 20 ارب واپڊا پاران خرچ ڪيا ويندا.

اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اي سي پي سي جي اجلاس ۾ ھلندڙ مالي سال جي اقتصادي ڪارڪردگي جو جائزو پيش ڪيو ويو ۽ نئين مالي سال لاءِ ترقياتي پروگرام تجويز ڪئي وئي آھي، ھلندڙ مالي سال دوران معاشي ترقي (جي ڊي پي) جي شرح 5.3 سيڪڙو رھي آھي، جيڪا گذريل 10 سالن ۾ وڌ ۾ وڌ ترقي جي شرح آھي، ھن ٻڌايو ته نئين مالي سال جي جي ڊي پي جي شرح 6 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آھي”ھن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پھريون موقعو آھي جو وفاقي ترقياتي بجيٽ ھڪ ھزار ارب رپين کان ڪراس ڪيو آھي صوبائي ترقياتي بجيٽ سان مجموعي ترقياتي پروگرام 2 ھزار ارب کان وڌيڪ آھي، ھن ٻڌايو ته اسان کي سي پيڪ جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻو آھي، ان ڪري انفرااسٽرڪچر شعبي لاءِ 325 ارب رپيا رکيا ويا آھن، ھن ٻڌايو ته 2013ع ۾ ايڇ اي سي بجيٽ 14 ارب هئي، جنھن کي وڌائي اسان 33 ارب رپيا ڪيو آھي، ھن دعويٰ ڪئي ته نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ ديامير ڀاشا، منڊا ۽ ٻين ھائيڊل منصوبن لاءِ فنڊ فراھم ڪيا ويندا، سي پيڪ جو پھريون مرحلو 2018ع ۾ مڪمل ٿيڻو آھي جنھن کي ترقياتي بجيٽ ۾ ترجيح ڏني وئي آھي، ترقياتي بجيٽ ۾ فاٽا جي ترقي لاءِ خصوصي طور 2.5 گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي ترقي لاءِ خصوصي طور 5 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آھن، ھن دعويٰ ڪئي ته اجلاس ۾ صوبن اقتصادي ترقي تي اطمينان جو اظھار ڪيو، اسان جي ڪوشش آھي ته گڏجي اتفاق راءِ سان پي ايس ڊي پي ڏيون، اجلاس جي روشني ۾ رٿابندي ۽ ترقي جو سيڪريٽري اڄ صوبائي نمائندن سان ويھي پي ايس ڊي پي کي حتمي شڪل ڏيندو. صوبن به اسان جي مالي مشڪلاتن کي سمجھيو آھي، ان کانپوءِ ڪي پي ڪي جي ناڻي وزير مظفر شاھ ميڊيا سان الڳ ڳالھائيندي چيو ته اسان ترقياتي پروگرام لاءِ 12 نوان منصوبا پيش ڪيا، جنھن مان ھڪ به منظور ناھي ڪيو ويو، صوبي جي منصوبن لاءِ گذريل سال کان به گھٽ 130 ارب رپيا منظور ڪيا ويا، ائين ٿو لڳي ته ڄڻ مالي وسيلن ۾ ڪي پي ڪي عوام جو حصو ناھي.ھن الزام ھنيو ته اجلاس ۾ ترقياتي اسڪيمن جي حوالي سان ڪي پي ڪي نظرانداز ڪيو ويو ۽ صوبي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو.اجلاس ۾ سنڌ جي موقف جي حوالي سان ھن دعويٰ ڪئي ته سنڌ وارا به گھڻا خوش نه آھن، وفاقي حڪومت ٻيو ته ٺھيو پر اين ايف سي ايوارڊ وارو حق به ڏيڻ لاءِ تيار ناھي.

مالي سال 2016-17 دوران واپاري خسارو 24 ارب ڊالر ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 8.3 ارب ڊالر رھيو

اسلام آباد: ھلندڙ مالي سال دوران واپاري خسارو 24 ارب ڊالر ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 8.3 ارب ڊالر رھيو، ايندڙ مالي سال لاءِ واپاري توڙي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ اٽڪل 2 ارب ڊالر واڌ جو ڪاٿو، جي ڊي پي ترقي جي شرح ٽارگيٽ کان گھٽ 5.3 سيڪڙو رھي، نئين مالي سال جي ڊي پي ترقي جي شرح 6 سيڪڙو مقرر، سالياني پلان ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ جي ھلندڙ سال جي معاشي ڪارڪردگي بابت آگاھي ڏيندي ٻڌايو ويو ته ھلندڙ مالي سال دوران معاشي ترقي (جي ڊي پي) جي شرح 5.7 سيڪڙو بدران 5.3 سيڪڙو رھڻ جا امڪان آھن، جڏھن ته زرعي شعبي جي ترقي جي شرح 3.5 سيڪڙو، مينوفيڪچرنگ شعبي جي ترقي جي شرح 5 سيڪڙو، لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ جي ترقي جي شرح 4.9 سيڪڙو، جڏھن ته خدمتن واري شعبي جي ترقي جي شرح 6 سيڪڙو رھي آھي. اي پي سي اجلاس ۾ نئين مالي سال لاءِ مجموعي معاشي ترقي (جي ڊي پي) جي شرح 6 سيڪڙو مقرر ڪئي وئي آھي، جڏھن ته زرعي ترقي جي شرح 3.5 سيڪڙو، مينوفيڪچرنگ شعبي جي ترقي جي شرح 6.4، لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ جي ترقي جي شرح 6.3 سيڪڙو خدمتن واري شعبي جي ترقي جي شرح 6.4 مقرر ڪئي آھي، اجلاس جي انگ اکرن مطابق ھلندڙ مالي سال دوران ايڪسپورٽ جي شرح 21 ارب 70 ڪروڙ ڊالر رھي، جڏھن ته نئين مالي سال لاءِ ايڪسپورٽ جو ٽارگيٽ 23 ارب 10 ڪروڙ ڊالر مقرر ڪيو ويو آھي، ھلندڙ مالي سال دوران امپورٽ جي حد 45 ارب 70 ڪروڙ ڊالر رھي، جڏھن ته ايندڙ مالي سال لاءِ امپورٽ ٽارگيٽ 50 ارب ڊالر مقرر ڪيو ويو آھي، ھلندڙ سال واپاري خسارو 24 ارب ڊالر رھيو، جڏھن ته ايندڙ سال لاءِ واپاري خساري جو ڪاٿو 10 ارب 40 ڪروڙ ڊالر لڳايو ويو آھي، جنھن مطابق نئين مالي سال دوران واپاري خسارو اٽڪل 2.9 ارب ڊالر رھندو، ھلندڙ مالي سال دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 8.3 ارب ڊالر رھيو، جڏھن ته نئين مالي سال لاءِ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جو ڪاٿو 10 ارب 30 ڪروڙ ڊالر لڳايو ويو، اھڙي ريت نئين مالي سال دوران ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو اٽڪل 2 ارب ڊالر وڌيڪ رھندو…..

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *