Thursday , April 18 2024

وزيراعظم چوري ڪندي سڳ سوڌو پڪڙجي پيو آهي، آصف زرداري ڪرپشن ڪرڻ جو بادشاهه آهي: عمران خان

Imran Khan Jalsa

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته وزير اعظم قوم جي دولت چوري ڪندي سڳ سوڌو پڪڙجي پيو آهي، قوم جا چوري ڪيل 62 ارب رپيا واپس ڪرائينداسين، آصف زرداري پاڻ ڪرپشن جو بادشاهه آهي هُو اسان جي ڪهڙي رستا روڪ ڪندو.

ايبٽ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته، جيستائين ڪرپٽ حڪمرانن کي جيل نه موڪليو ويندو ايستائين ملڪ ترقي نه ڪندو، ڪرپشن سبب عوام صحت، تعليم ۽ روزگار جي سهولتن کان وانجهيل آهي.

هن چيو ته ملڪ مان هر سال هڪ هزار ارب رپيا مني لانڊرنگ ذريعي پرڏيهه موڪليا وڃن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت تباهي جي ڪناري تي پهچي ويو آهي. نواز ليگ جي حڪومت عوام جا 62 ارب رپيا چوري ڪيا آهن جيڪي هر حالت ۾ واپس ڪرائينداسين، وزيراعظم عوام کي بيوقوف سمجهي ٿو پر اُها سندس ڀُل آهي، نواز شريف عوام جي دولت چوري ڪندي سڳ سوڌو پڪڙجي پيو آهي جنهن جو کيس حساب ڏيڻو پوندو.

عمران خان جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل پاناما ڪيس جي گڏيل جاچ ٽيم آڏو اڃا گهڻو ڪجهه ظاهر ٿيندو. سندس چوڻ هو ته ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ سبب ملڪ ۾ سيڙپڪاري نه ٿي ٿئي جنهن جي نتيجي ۾ عوام به عذاب واري زندگي واري گذارڻ تي مجبور آهي. ڪشمير جا ماڻهو پنهنجي آزاديءَ جي جنگ وڙهي رهيا آهن، آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ثابت قدم رهڻ ۽ سندن جدوجهد تي کين خراج تحسين پيش ڪيون ٿا.

عوام سمورن چهرن  کي آزمايو آهي، هاڻي عوام جي آخري اميد عمران خان آهي: شاهه محمود قريشي

ايبٽ آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته هو پنهنجو حساب ڏيڻ لاءِ تيار آهن، عوام کي خبر آهي ته ڪرپشن جو بادشاهه ڪير آهي، شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف ۽ ملڪ ٻئي گڏ  نٿا هلي  سگهن، ڪي پي ڪي ۾ تبديلي اچي وئي آهي،هاڻي وقت  اچي چڪو آهي ته پوري  ملڪ ۾ تبديلي آڻيون .

هن چيو ته عوام سمورين پراڻن چهرن  کي آزمايو آهي،هاڻي عوام جي آخري اميد عمران خان ئي  آهي. جلسي کي خطاب ڪندي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو ته نواز شريف ۽ ملڪ ٻئي گڏ  نٿا هلي  سگهن، هاڻي ن ليگ جو سياسي جنازو نڪرڻ وارو آهي. پاڪستان جي ادارن کي سازش تحت بدنام ڪيو پيو وڃي،هو اهڙي سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏيندا. سندس چوڻ هو ته ڪلڀوشن ياديو اعتراف ڪيو ته هو را جو اينجنٽ آهي. پاڪستان جا 60 ماڻهو ڀارتي جيلن ۾ قيد آهن حڪمرانن ملڪي ماڻهن جي آزادي لاءِ ڪو به قدم ناهي کنيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *