Friday , March 29 2024

وزيراعظم وفاقي ڪابينا جوڙي ورتي، 15 وزير ۽ 5 صلاحڪار شامل

اسلام آباد ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت ۾ 20 ميمبرز تي ٻڌل ڪابينا جوڙي وئي آهي، وزيراعظم عمران خان پاران ڪابينا ميمبرز جي منظور ڪيل فهرست ۾ صرف هڪ سنڌي وزير ڊاڪٽر فهيده مرزا شامل، شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري، شيخ رشيد ۽ خالد مقبول صديقي به ڪابينا ۾ شامل، وزيرن کي وزارتون به ڏنيون ويون، نوٽيفڪيشن جاري. سومر تي قسم کڻندا. وزيراعظم عمران خان عهدي جو حلف کڻڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ 20 ميمبرز تي ٻڌل وفاقي ڪابينا جي 15 وزيرن ۽ 5 صلاحڪارن جي نالن جي منظوري ڏيندي کين قلمدان به ڏئي ڇڏيا آهن.

پي ٽي آءِ جي ترجمان سماجي رابطن واري سائيٽ ٽويٽر تي ڪابينا ميمبرز جا نالا جاري ڪيا آهن. پي ٽي آءِ ترجمان موجب شاهه محمود قريشي کي پرڏيهي وزارت، اسد عمر کي ناڻي واري وزارت سونپي وئي آهي. فواد چوڌڇري کي سُڌسماءَ جو وزير ڪيو ويو آهي ۽ جي ڊي اي سان لاڳاپيل ڊاڪٽر فهميده مرزا کي بين الصوبائي رابطن واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي. فواد چوڌري موجب، شيرين مزاري انساني حقن، غلام سرور خان کي پيٽروليم واري وزارت ۽ شيخ رشيد کي ريلويز واري وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي. ايم ڪيو ايم جي سينيٽر فروغ نسيم کي قانون ۽ انصاف ۽ خالد مقبول صديقي کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي وزارت ڏني وئي آهي.

مشهور صنعتڪار عبدالرزاق دائود کي وزيراعظم پنهنجو ڪامرس ۽ اينڊ انڊسٽري بابت صلاحڪار، ڊاڪٽر عشرت حسين ادارا جاتي اصلاحات ۽ ڪفايت شعاري بابت صلاحڪار مقرر ڪيو آهي. امين اسلم ماحوليات ۽ بابر اعواڻ کي پارليماني معاملن جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ چوڌري طارق بشير چيما سيفران وارو وزير، نور الحق قادري مذهبي معاملن، عامر محمود ڪياني نيشنل هيلٿ سروس ريگيوليشن اينڊ ڪوارڊينيشن جو وزير ۽ شفقت محمود کي فيڊريل ايجوڪيشن پروفيشنل ٽريننگ جي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو آهي. ان کان سواءِ شهزاد ارباب اسٽيبلشمينٽ وارو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *