Saturday , April 20 2024

وزيراعظم نواز شريف ملڪ ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن جو اعتراف ڪري ورتو

New Islamabad airport 1

وزيراعظم نواز شريف به آخر ڪار ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ گھپلن جو اعتراف ڪري ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته، ملڪ ۾ ايترا ڪرپشن اسڪينڊل ۽ گھپلا آھن، جيترو چيو وڃي اوترو گھٽ آھي، وقت ايندو ته اھڙن مامرن جي جاچ به منقطي انجام تائين پھچندي، گھڻن مامرن جي جاچ ٿيڻ جي ضرورت آھي، ماضي ۾ جيڪي منصوبا 2 سالن ۾ مڪمل ٿيڻا هئا، اھي 20 سالن تائين به مڪمل ٿيڻ جو نالو نه پيا وٺن. جيڪڏھن اسان ڪرپشن ۽ گھپلن جي جاچ ۾ لڳي وڃون ته سمورو وقت ان ۾ ھليو ويندو. اسان ترقياتي ڪمن تان ڌيان ھٽائڻ نٿا چاھيون پر ھڪ وقت ايندو، جڏھن شيون منطقي انجام تائين پھچنديون.

وزيراعظم ميان نواز شريف اسلام آباد ۾ هڪ تقريب دوران ميڊيا سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اسان جي حڪومت بيمار ۽ سست منصوبا وڌيڪ پئسا ڏئي مڪمل ڪرايا، لواري ٽنل جھڙا منصوبا سالن کان مڪمل ٿيڻ جو نالو نه پيا وٺن، اسان اھي منصوبا مڪمل ڪيا آھن. ھن چيو ته موجوده حڪومت ۾ ٻين ترقياتي منصوبن جيان اسلام آباد توسيعي ميٽرو بس منصوبي جي معيار تي ڪو ٺاھ نه ڪيو ويندو، ھن وڌيڪ چيو ته ھڪ باوقار ملڪ لاءِ انفرااسٽرڪچر، ھوائي اڏن ۽ ٽرانسپورٽ نظام جو بھتر ھئڻ ضروري آھي. روڊ بھتر ھوندا ته زرعي پيداوار واريون شيون آساني سان مارڪيٽ ۾ پھچنديون، جنھن ڪري آبادگارن کي سٺو اگهه ملندو.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان جي  ميٽرو ۽ روڊن جي منصوبن تي تنقيد ڪندڙن لاءِ اوهان سڀ دعا ڪريو ته الله تعالي کين ھدايت ڏئي، باقي اسان منصوبن جي وقت سر تڪميل کي يقيني بڻايو، ملڪ انفرااسٽرڪچر ذريعي ترقي ڪندا آھن، جڏھن ماڻھن کي پنھنجن علائقن ۾ سھولتون ملنديون ته شھرن ڏانھن لڏ پلاڻ نه ڪندا.

 ھڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم دعويٰ ڪئي ته ماضيءِ ۾ منصوبن جي تڪميل ۾ دير ٿيندي رھي آھي، خبر ناھي ته اسان جي نظام ۽ ادارن کي ڇا ٿي ويو آھي، جو منصوبا دير جو شڪار ٿي وڃن ٿا، ڏسو گذريل ڏينھن روڊ خراب ھئڻ سبب مسافر بس سان حادثو پيش آيو، جنھن سبب انساني جانيون ضايع ٿيون آھن. وقت سر ترقياتي منصوبن سان مڪمل نه ٿيڻ زيادتي، ناانصافي ۽ ناقابل قبول آھي، باقي اھو يقيني سان چوان ٿو ته منصوبن ۾ گھپلن ۽ ڪرپشن اسڪينڊل ۾ ملوث عنصر ضرور منطقي انجام تائين پھچندا، ھن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسلام آباد کان نئين ھوائي اڏي تائين نئون روڊ ٺھي رھيو آھي، جنھن تي ميٽرو بس به ھلندي، ان روڊ منصوبي ۾ اسان ٻه مھينا اڳ ميٽرو بس سروس منصوبو شامل ڪيو آھي ته جيئن گاڏيون نه رکندڙ ماڻھو آساني سان ھوائي اڏي تائين سفر ڪري سگھن

نواز شريف چيو ته اسلام آباد ھوائي اڏو منصوبو مڪمل ٿيڻ سان گڏ ميٽرو بس منصوبو به مڪمل ٿيندو، ھن چيو ته 989 ميگاواٽ نيلم جھلم ھائيڊرو پاور منصوبي تي سالن کان سست رفتاري سان ڪم ھلي پيو، اسان ان تي ڪم تيز ڪيو آھي، جنھن مان ايندڙ سال جي شروع ۾ بجلي پيداوار شروع ٿي ويندي. ھن وڌيڪ چيو ته دنيا اڄ پاڪستان طرف رخ ڪري رھي آھي، اسان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آھي. ان کان اڳ وزيراعظم اسلام آباد جي پشاور موڙ کان نئين اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس منصوبي جي پيڙھ جو پٿر رکيو. سندس چوڻ هو ته پشاور کان نئين اسلام آباد ھوائي اڏي تائين 25.6 ڪلو ميٽرو بس ٽريڪ تعمير ڪيو ويندو، جنھن جي ڪم کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ چئن حصن ۾ ورھايو ويو آھي.ڄاڻايل ميٽرو بس توسيعي منصوبي تي 9 اسٽيشنون، 12 پليون ۽ 11 انڊر پاس تعمير ڪيا ويندا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *