Wednesday , April 17 2024

وزيراعظم نواز شريف استعيفيٰ ڏيڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو، مخالف ڌر جو اهم اجلاس سڏائي ورتو

Shabaz & Nawaz

جي آءِ ٽي جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿيڻ کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ حڪمران پارٽي نواز ليگ ۽ وفاقي ڪابينا جي اجلاس جو سلسلو جاري آهي، خميس تي ٿيل اجلاس ۾ وزيراعظم نواز شريف عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ کان ٺپ جواب ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم پاران استعيفيٰ نه ڏيڻ جي واضع اعلان کانپوءِ مخالف ڌر جي پارٽين پاران جمعي تريي شام جو پارليامينٽ ۾ گڏجاڻي ٿي رهي آهي، گڏجاڻي ۾ وزيراعظم نواز شريف ۽ نواز ليگ جي حڪومت بابت هڪ هڪاڻي واري پاليسي بابت غور ويڇار ڪيو ويندو.

وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ جي آءِ ٽي جي رپورٽ بعد پيدا ٿيل سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ويچاريو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته جي آءِ جي رپورٽ بدنيتي تي ٻڌل آهي، جنهن جو اندازو رپورٽ ۾ استعمال ڪيل ٻوليءَ جو انداز آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته، جڏهن کان هُن  سياست شروع ڪئي آهي تڏهن کان سياست مان ذاتي طور تي حاصل گهٽ پر وڃايو وڌيڪ آهي. هُن پنهنجي ڀاءُ شهباز شريف سميت شريف ڪٽنب حڪومتي وسيلن کي ڪڏهن به ذاتي ڪاروبار لاءِ استعمال ناهي ڪيو.

Shah mehmood & khursheed shah

وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته، سندس ۽ شهباز شريف جي ڪنهن به دور ۾ ڪا ڪرپشن ناهي ڪئي، جيڪڏهن مٿن ٽيڊي پائي جي ڪرپشن يا سرڪاري وسيلن کي ذاتي زندگي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڳالھ ثابت ٿي وڃي ته سزا لاءِ تيار آهن. وزيراعظم چيو ته باقي ڪرپشن جا جڙتو الزام هڻندڙ مخالفن جي چوڻ تان هُو عهدي تان استعيفيٰ ڪنهن به صورت ۾  نه ڏيندو، جيڪڏهن سندس يا شريف ڪٽنب جي جنهن فرد خلاف ڪرپشن جو ڪو ثبوت آهي ته سامهون آندو وڃي. سندس چوڻ هو ته 1973ع کان اسان جو ذاتي ڪاروبار آهي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته منهنجو ضمير ۽ دامن بلڪل صاف آهي، سندن ڪاروبار فيملي جي ڪنهن به شخص جي سياست ۾ اچڻ کان اڳ جو آهي. هن چيو ته ن ليگ کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندڙن جي مجموعي ووٽن کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا آهن. سندس چوڻ هو ته بنا ڪنهن هٻڪ پاڻ ۽ پنهنجي ڪٽنب کي جي آءِ ٽي ۾ پيش ڪيو، جي آءِ ٽي کي خدشن باوجود قبول ڪيو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته اسان جي خاندان سياست مان ڪمايو گهٽ ۽ وڃايو گهڻو ڪجهه آهي، جي آءِ ٽي رپورٽ اسان جي ذاتي ڪاروبار تي مفروضن، الزامن ۽ بهتانن تي ٻڌل آهي.

مخالف ڌر هڪ هڪاڻي ڪرڻ لاءِ تيار، خورشيد شاھ اجلاس سڏائي ورتو

Sheikh Rasheedkhurshed-shah mehmood- siraj

وزيراعظم نواز شريف پاران خميس ڏينهن پنهنجي عهدي تان ڪنهن به صورت ۾ استعيفيٰ نه ڏيڻ واري اعلان کانپوءِ مخالف ڌر جي پارٽين به هڪ هڪاڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ خميس ڏينهن خورشيد شاهه، شاهه محمود قريشي ۽ شيخ رشيد جي هڪ ٻئي سان رابطن بعد اهو طئه ڪيو ويو آهي ته هاڻي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻو آهي. جنهن لاءِ پ پ سميت مخالف ڌر جي پارٽين پاران گڏيل صلاح مشوري لاءِ اڄ جمعي جي نماز کان پوءِ اهم اجلاس سڏايو ويو آهي. قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه پاران مخاالف ڌر جي پارٽين جي سڏايل اجلاس ۾ پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي، عوامي مسلم ليگ ۽ ايم ڪيو ايم سميت ٻيا ننڍا وڏا حڪومت مخالف گروپ به شرڪت ڪندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *