Thursday , March 28 2024

وزيراعظم عمران خان کنڊ بحران جو نوٽيس ورتو، کنڊ 65 رپين مان 100 رپيا ٿي وئي

ڪراچي (رپورٽر سنڌسماچار) وزيراعظم عمران پاران ملڪ ۾ کنڊ بحران ۽ اگهن ۾ واڌ خلاف نوٽيس وٺڻ کانپوءِ به کنڊ جو اگهه 65 رپين مان وڌندي سئو رپيا في ڪلو گرام تائين پهچي ويو آهي، ميڊيا رپوييرٽس مطابق، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا سميت ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ کنڊ في ڪلو  100 رپين کان به وڌيڪ اگهن تي وڪامي رهي آهي. وزير اعظم عمران خان جي نوٽيس ۽ ٻين حڪومتي عملدارن جي دعوائن باوجود کنڊ جي اگهن ۾ واڌ تي ضابطو اچي ناهي سگهيو، لاهور، پشاور، ڪراچي، ڪوئيٽا، ملتان، راولپنڊي، اسلام آباد سوڌو ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ کنڊ 100رپيا في ڪلو گرام وڪرو ٿي رهي آهي، جنهن سبب مهانگائي سٽل عوام سخت پريشان آهي. شماريات کاتي موجب چئن هفتن دوران 11 رپيا اضافي کانپوءِ في ڪلو کنڊ جي سراسري قيمت 92 رپيا ٿي وئي آهي، پر اڪثر شهرن ۾ اها سئو رپيا ڪلو ملي رهي آهي،  شماريات کاتي موجب هڪ هفتي دوران اٽي جي 20 ڪلو واري ٿيلهي تي 10 رپيا، ٽماٽن ۾ 14 رپيا واڌ، جڏهن ته بصر ۽ پٽاٽا پڻ مهانگا ٿيا آهن..

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *