Friday , March 29 2024

وزيراعظم عمران خان پاران آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ بابت اهم انڪشاف

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان نيٺ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي به سخت متاثر ٿيندي آهي. اسلام آباد ۾ پهرين نيشنل سيڪيورٽي پاليسي پڌري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته، مجبورين جي صورت ۾ اسان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوي ٿو ۽ انڪري ئي ويندا آهيون، ان سان جا شرط مڃڻ سان سيڪيورٽي به متاثر ٿئي ٿي. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻ سبب ماڻهن تي بار وجهڻو پوندو آهي، پاڪ فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته وڏي محنت سان سلامتي بابت متفقه قومي دستاويز تيار ڪيو ويو آهي، پاليسي ۾ قومي سلامتي کي بهتر نموني واضح ڪيو آهي. جيڪڏهن توهان کي هر وقت آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو ته توهان جي سلامتي متاثر ٿيندي، ملڪي معيشت ڪمزور ٿيندي ۽ دفاع به ڪمزور ٿيندو، جيڪڏهن اسان جي ترقي جي شرح گهٽجي ته پنهنجو بچاءُ ڪيئن ڪنداسين، وڌندو پوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ھوندو آھي. اسان آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ تي مجبور آهيون ڇو ته آخر ۾ اهو آءِ ايم ايف آهي جيڪو اسان کي سستا قرض ڏئي ٿو، اسان کي انهن جا شرط مڃڻا پوندا ۽ اسان کي اهي شرط مڃڻا پوندا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *