Thursday , April 25 2024

وزيراعظم عمران خان ٽائيگر فورس کي حڪومتي فيصلا سازي ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 مسلم ليگ نون جي قائد نواز شريف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، ڊي جي آءِ ايس آءِ خلاف زبان استعمال ڪئي: وزيراعظم

اهو نواز شريف گدڙ جو پڇ/دُم دٻائي لنڊن ڀڄي ويو، اتان ويهي دفاعي ادارن جي سربراهن خلاف ڳالهيون ڪري رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ  جي ٽائيگر فورس جي تجويزن کي حڪومتي فيصلا سازي ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته گجرانوالا وارو پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو جلسو سرڪس هو ٻن ٻارن جي تقريرن تي تبصور ڪرڻ نه ٿوي چاهيان، هاڻي هڪڙو ئي مقصد آهي ته نوازشريف کي وطن واپس آڻي عام جيل ۾ قيد ڪيان. اسلام آباد جي ڪنوينشن سينٽر ۾ پي ٽي آءِ جي ٽائيگر فورس جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وزيراعجظم عمران خان چيو ته، ٽائيگر فورس جو مهانگائي جي خاتمي سميت عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار هوندو، انهن جي صلاحن ۽ تجويزن کي حڪومتي فيصلا سازي ۾ شامل ڪيو ويندو.

وزيراعظم عمران خان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته، نواز شريف جو گجرانوالا واري جلسي کي خطاب صرف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا نه رڳو پوري پاڪستان فوج خلاف هو پر اهو پاڪ فوج تي حملو هو، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڪ فوج خلاف بيانيو ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو آهي جيڪو چوندو آهي ته نواز شريف کيس پسند آهي پر آرمي چيف دهشتگرد آهي ۽ مودي ائين ڪيترائي ڀيرا چوندو رهيو آهي جنهن تي نواز شريف هميشه خاموش رهيو آهي. وزيراعظم عمران تحريڪ انصاف جي ٽائيگرس کي خطاب ڪندي چيو ته، “ مسلم ليگ نون جي قائد نواز شريف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، ڊي جي آءِ ايس آءِ خلاف زبان استعمال ڪئي؛ اهو نواز شريف گدڙ جو پڇ/دُم دٻائي لنڊن ڀڄي ويو، اتان ويهي دفاعي ادارن جي سربراهن خلاف ڳالهيون ڪري رهيو آهي”. عمران خان چيو ته، نواز شريف؛ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ غلام جيلاني خان جي گهر مٿان سريا/لوهي شيخون ٺاهيندي ٺاهيندي وزيراعظم ۽ فوجي آمر ضياءَالحق جو بوٽ پالش ڪندي پنجاب جو وزيراعليٰ بڻيو.” نواز شريف آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه اسد دراني جي چوڻ تي مهراڻ بئنڪ ذريعي ڪروڙين رپيا وصول ڪيا هئا، جيئن اليڪشن وڙهي سگهي، اها رپورٽ عدالت ۾ پئي آهي پر بدقسمتي سان اسان جي عدالتن هميشه نواز شريف جي مدد ڪئي.”

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *