Thursday , March 28 2024

وزيراعظم عمران خان سان آءِ جي سنڌ جي ملاقات

اسلام آباد( خاص نمائندو سنڌسماءَچار) گذريل رات دير سان اسلام آباد پهتل آءِ جي سنڌ ڪليم امام اهم ملاقاتون ڪرڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان سان به ملاقات ڪئي آهي، وزيراعظم عڳمران خان سان ٿيل ملاقات دوران ڪليم امام وزيراعظ۾ کي سنڌ جي امن امان جي صورتحال بابت آگاهي ڏني. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم آءِ جي کان سنڌ حڪومت جي ناراضگي جا ڪارڻ به معلوم ڪيا، جنهن تي آءِ جي سنڌ کيس تفصيلي بريفنگ ڏني. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ پوليس جي سربراهه ڪجهه صوب ائي وزيرن، پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سميت ڪجهه ٻين پارٽين جي اڳواڻن جي ڏوهاري سرگرمين ۽ ڏوهارين جي سرپرستي بابت به بريفنگ ڏني ۽ اهم فائلز سندس حوالي ڪيا آهن. ذريعن جو ڍوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪليم امام کي آءِ جي سنڌ جي عهدي تان هٽايو ويو ته کيس سيڪريٽري نارڪو ٽيڪس مقرر ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *