Thursday , March 28 2024

وزيراعظم عمران خان آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻ جي ڳالهه ڪئي هوندي؛ مون ته ائين ڪڏهن ناهي چيو: ناڻي وارو وزير اسد عمر

اسلام آباد(خاص نمائندو سنڌسماءَچار) پي ٽي آءِ جي سينئر اڳواڻ ۽ ناڻي واري واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته، وزيراعظم عمران خان قرض نه وٺڻ بابت ۽ آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻ جو چيو هوندو پر مون ڪڏهن به اهڙي ڳالهه ناهي ڪئي، پاڪستان اڄ تائين آءِ ايم ايف کان قرض جا 18 معاهدا ڪيا آهن جن ۾ 7 فوجي حڪومتن جي دور ۾ ٿيا ۽ باقي پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي حڪومتن ڪيا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته، اسان جي جاري کاتن جو خسارو هر مهيني 2 ارب ڊالر پيو ٿئي ۽ اسان جي ذخيرا ڪرندا پيا وڃن، گذريل سيپٽمبر 2018 ۾ ذخيرا 8 ارب 40 ڪروڙ ڊالرن تائين اچي ويا. پيٽروليم شين جون قيمتون وڌڻ سان واپاري خسارو وڌيو ۽ ايران تي پابنديون وڪري ۾ واڌ جو سبب بڻيون. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته، گذريل حڪومت به آءِ ايم ايف کان بيل آئوٽ پيڪيج جي لاءِ ڳالهيون ڪرڻ وئي هئي. اسان آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ دير ناهي ڪئي، ان معاملي تي سڀني سان ڳالهيون ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته پاڪستان جي ذمي 95 ارب ڊالرن جو پرڏيهي قرض آهي، ٿي سگهي ٿو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کان سواءِ گذارو ٿي وڃي پر ڏکيائي وڌيڪ هوندي. آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ بابت آمريڪي پرڏيهي وزارت جي بيان تي رد عمل ڏيندي اسد عمر جو چوڻ هو ته آمريڪي بيان بلڪل غلط آهي سي پيڪ قرضن جي ڪري آءِ ايم ايف وٽ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته آءِ ايم ايف سي پيڪ سميت پاڪستان جي ذمي گڏيل قرضن جي تفصيل گهري آهي. وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي اعلان سان گڏ ئي ٻئي ڏينهن اسٽاڪ مارڪيٽ 600 پوائنٽ وڌي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *