Saturday , April 20 2024

وزيراعظم عمران خان؛ ڪروڙين رپين جي سوکڙين جو اسڪينڊل ته ناهي؟

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) رياست مدينا جي دعويدار وزيراعظم ۽ امير توڙي غريب لاءِ هڪجهڙي قانون جي دعويدار وزيراعظم عمران خان کي پرڏيهي دورا ڪرڻ دوران مليل سوکڙين پاکڙين  جا تفصيل عوام آڏو پڌرا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، لاهور واسي شهري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري تفصيل گهري ورتا آهن.

اسلام آباد واسي هڪ شهري وزيراعظم عمران خان جي پرڏيهي دورن تي وڃڻ دوران انهن ملڪن جي  سربراهن، ادارن، اهم حڪومتي، ڪاروباري ۽ سماجي شخصيتن پاران کيس وزيراعظ۾ پاڪستان جي حيثيت سان مليل تحفن جا تفصيل معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان شهري تحفن جا تفصيل ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي ڪيبينيٽ، پرڏيهي ۽ اسٽبلشمينٽ ڊوزينز کي خط لکي تفصيل گهريا پر انهن انڪار ڪيو. حڪومتي سطح تي اهڙي انڪار ڪيو ويو، وفاقي حڪومت انڪار ڪندي چيو ته اهڙا تفصيل عام نه ٿا ڪري سگهجن. حڪومت جي اهڙي جواب ملڻ کانپوءِ هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري وزيراعظم کي مليل تحفن جا تفصيل حاصل ڪرڻ جي استدعا / گذارش ڪئي. وفاقي حڪومت به انفارميشن ڪميشن جي حڪمن تي عمل ڪندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وئي آهي، جڏهن ته عدالت آل پاڪستان انفارميشن ڪميشن ۽ شهرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڏڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪميٽي پڪاچانگ پاران سنڌ حڪومت جي حڪمن جي ڀڃڪڙي

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *