Saturday , April 20 2024

وزيراعظم حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنز لاءِ سکڻو دلاسو به نه ڏنو- اصغر آزاد

ڪراچي ڊويزن لاءِ 11 سئو ارب ! برسات سبب تباهه ٿيل حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنز لاءِ سکڻو دلاسو به نه – اصغر آزاد

وزيراعظم عمران خان جي ڊي اي جي وفد سان ملاقات ڪرڻ بدران صرف فنڪشنل ليگ جي صدر سان ملاقات ڪئي

ڇا صدرالدين شاهه وزيراعظم کي برسات سبب سنڌ ۾ ٿيل تباهي بابت بريفنگ ڏني؟ ڇا کانسئ مطالبو ڪيو ته برسات سبب متاثر ماڻهن لاءِ ريليف جو اعلان ڪيو؟

ڪراچي جي ڪجهه ڪلاڪ واري دوري تي آيل وزيراعظم عمران خان سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي لاءِ 11 سئو ارب رُپين جي ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جو نالو ڏنو ويو آهي. ان پلان تحت ٿيندڙ سمورن منصوبن  جي نگراني پرووينشنل ڪوآرڊينسينشن امپليمينٽيشن ڪميٽي به جوڙي وئي آهي، هن وقت تائين ان ڪميٽي بابت ڪا به سرڪاري سطح تي وضاحت ناهي آئي ته ان ڪميٽي جو سربراهه ڪير هوندو؟ ڪميٽي ۾ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه ميمبر هوندو يا سربراهه؟ وزيراعظم عمران خان اعلان ڪيو آهي ته پيڪيج تحت ٿيندڙ سمورا ڪم وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت ۽ پاڪ فوج گڏجي مڪمل ڪنديون. ان ئي سلسلي ۾ سنڌ سماءَچار هڪ ڏينهن پهريان هڪ خبر ڏني هئي ته وڏي وزير مراد علي شاهه بااثر شخصيت جي مداخلت ۽ انهن سان سندس ٿيل گڏجاڻين ۾ معالن کي سڌو ڪري ڇڏيو آهي.

(ان بابت تفصيل هيٺ ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا )

وڏو وزير مراد علي شاهه “ معاملا سڌا ” ڪرڻ ۾ ڪامياب، ڪي سي آر بابت به اهم فيصلا

 

وزيراعظم عمران خان گورنر هائوس ۾ ۾ ڪراچي جي مسئلن بابت اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه، گورنر عمران اسماعيل، وفاقي وزير اسد عمر، امين الحق، علي زيدي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ميڊيا بريفنگ ڏني، جنهن ۾ ڪراچي لاءِ 11سئو ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪيو. وزيراعظ۾ عمران خان ڪراچي پيڪيج جو اعلان ڪندي، برسات دوران صرف ڪراچي شهر جو تفصيلي ذڪر ڪيو باقي سڄي سنڌ ۾ برسات جي تباهڪارين جو هڪ ڀيرو ذڪر ڪيو. وزيراعظم عمران خان ڪراچي ڊويزن کانسواءِ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ برسات دوران ٿيل تباهڪارين ۽ متاثر ٿيل لکين ماڻهن جي لاءِ ڪنهن به امداد جو اعلان نه ڪيو، وزيراعظم برسات، سم نالن، واهن ۽ شاخن کي لڳل گهارن جي نتيجي ۾ هزارين ڳوٺ مڪمل طور ٻڏي وڃڻ،بي گهر ٿي ويل لکين ماڻهن جي بحالي ۽ تباهه ٿيل لکين ايڪڙن تي بيٺل فصلن جي نقصان جي ازالي بابت به ڪو اعلان نه ڪيو. وزيراعظم پنهنجي اتحادي ايم ڪيو ايم جي وفد سان ڌار ملاقات ڪئي، پر پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ شامل جي ڊي اي جي وفد سان ملاقات ڪرڻ بدران آفيشلي صرف فنڪشنل مسلم ليگ جي صدر پير صدرالدين شاهه راشدي سان ملاقات ڪئي، صدرالدين شاهه جو به هيل تائين ڪو به موقف سامهون ناهي آيو ته ملاقات دوران هُن وزيراعظم آڏو سنڌ جي تباهي بابت ڇا چيو؟ ڇا هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ برسات دوران ڪيترو نقصان ٿيو آهي؟، فنڪشڻل ليگ جي صدر صدرالدين شاهه وزيراعظم کان برسات متاثر انهن ماڻهن لاءِ ريليف جو اعلان ڪرڻ جو مطالبو يا اپيل به ڪئي يا صرف پنهنجي مفاد کي نقصان رسڻ جي خدشي سبب واهه سائين واهه ڪري موٽي آيو؟

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *