Saturday , April 20 2024

وزيراعظم جي مخالفت باوجود پنجاب ۽ آزاد ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون لاڳو

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار زيراعظم جي مخالفت باوجود صوبي ۾ لاڪ ڊائون ڪري ڇڏيو، آزاد ڪشمير ۾ لاڪ ڊائون

لاهور( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار ) وزيراعظم عمران خان پاران ڪرونا جي روڪٿام لاءِ لاڪ ڊائون جي مسلسل مخالفت جي باوجود پنجاب حڪومت به صوبي ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، آزاد ڪشمير ۾ به لاڪ ڊائون اڄ کان شروع، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪرونا وائرس جي وبا تي ضابطو آڻڻ لاءِ ضروري آحي ته لاڪ ڊائون ڪري عوامي سرگرميون محدود ڪيون وڃن ۽ ان کي گهرن تائين محدود ڪيو وڃي، اڄ 24 مارچ کان 6 اپريل تائين پنجاب  صوبي ۾ لاڪ ڊائون لاڳو رهندو، عثمان بوزدار چيو ته لاڪ ڊائون دوران، ميڊيڪل اسٽورز، اسپتالون، سيڌي سامان جا دڪان، سبزي فروٽ جا دڪان به کليل رهندا. پنجاب ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي هوندي، شادي هالز، هوٽلز، عوامي ميڙاڪن سميت مذهبي اجتماعن تي به پابندي هوندي. ياد رهي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو هو ته وزيراعظم عمران خان ان جي ٽي ڀيرا مخالفت ڪئي هئي، جنهن بعد وڏي وزير گذريل ڏينهن 23 مارچ کان لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي، جيڪو 7 اپريل تائين جاري رهندو. ٻئي پاسي آزاد ڪشمير جي حڪومت به لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *